سفارتڪاري لاءِ تيار آهيون، پرامن رستي کي سنجيدگي سان اختيار ڪرڻ گهرون ٿا: ايران

تهران -15 جولاءِ (اي پي پي) ايران چيو آهي، ته هو سفارتڪاري لاءِ تيار آهي، پرامن رستي کي سنجيدگي سان اختيار ڪرڻ چاهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي صدر مسعود پز شڪيان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيغام چئي. هن چيو ته ايران نيون اميدون کولڻ لاءِ تيار آهي، ماضي کي تنقيد جي نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. ايران کي بهتر مستقبل ڏانهن وٺي …

تهران -15 جولاءِ (اي پي پي) ايران چيو آهي، ته هو سفارتڪاري لاءِ تيار آهي، پرامن رستي کي سنجيدگي سان اختيار ڪرڻ چاهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي صدر مسعود پز شڪيان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيغام چئي. هن چيو ته ايران نيون اميدون کولڻ لاءِ تيار آهي، ماضي کي تنقيد جي نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. ايران کي بهتر مستقبل ڏانهن وٺي وڃڻ وارو رستو اميد جي نئين سر تعمير، سکڻ ۽ تبديلي لاءِ راضپو ۽ هڪ اهڙو رستو آهي جيڪو هم آهنگي، همدردي ۽ عقل تي ٻڌل آهي.

مزید خبریں