وڌندڙ آبادي ھڪ سنجيده قومي مسئلو آھي، جنھن تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي: ڪامران خان ٽيسوري

ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري آبادي جي عالمي ڏينھن  جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ وڌندڙ آبادي کي ھڪ سنجيده قومي مسئلو قرار ڏنو آھي، جنھن تي فوري طور تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي. گورنر چيو تھ متوازن آبادي ئي پائيدار ترقي، سماجي انصاف ۽ معاشي استحڪام جي ضمانت آھي. ھن زور ڀريو تھ حڪومتي ادارا، والدين، استاد ۽ عالم سڳورا گڏجي آگاھي …

ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري آبادي جي عالمي ڏينھن  جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ وڌندڙ آبادي کي ھڪ سنجيده قومي مسئلو قرار ڏنو آھي، جنھن تي فوري طور تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي. گورنر چيو تھ متوازن آبادي ئي پائيدار ترقي، سماجي انصاف ۽ معاشي استحڪام جي ضمانت آھي. ھن زور ڀريو تھ حڪومتي ادارا، والدين، استاد ۽ عالم سڳورا گڏجي آگاھي مھم ۾ ڪردار ادا ڪن. ورلڊ پاپوليشن ڊي 2025ع جي ٿيم ”نوجوانن کي بااختيار بڻايو تھ جئين منصفاڻي ۽ اميدن ڀري دنيا پنھنجي مرضي سان ڪٽنب ٺاھي سگھي“ تي روشني وجھندي ڪامران خان ٽيسوري چيو تھ گورنر انيشيٽيو تحت نوجوانن کي بااختيار بنائڻ لاءِ قابل عمل تجويز تي ھڪ ڪروڙ روپين تائين بنا وياج قرض ، آءِ ٽي تربيت ۽ ٻيا سماجي ڀلائي جا پروگرام جاري آھن، جنھن سان ھو بھتر مستقبل ڏانھن قدم وڌائي سگھندا.