سيويل-03 جولاءِ (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب اسپين جي شهر سيويل ۾ جاري چوٿين عالمي فنانسنگ فار ڊولپمينٽ ڪانفرنس جي موقعي تي مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن سان اعليٰ سطحي ٻه طرفيون ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن جو مقصد ترقياتي، مالياتي، واپار، ماحولياتي استحڪام ۽ اداره جاتي سڌارن جهڙن شعبن ۾ پاڪستان جي حصيدارين کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ هو. ناڻي واري وزير نه صرف ڪانفرنس جي مرڪزي اجلاسن پر مختلف ضمني ويهڪن، پاليسي ڳالهين ۽ شراڪتي گول ميز مباحثن ۾ به پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. ٻه طرفين ملاقاتن جي سلسلي ۾ ناڻي واري وزير نيڌرلينڊز جي ناڻي واري وزير ايلڪو هائينن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان دوران واپار، ترقياتي تعاون، موسمياتي لچڪ ۽ اداره جاتي صلاحيت سازي جهڙن اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان طرفان زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي، پاڻي وسيلن جي انتظام ۽ سرڪاري خدمتن جي ڊجيٽلائيزيشن جهڙن شعبن ۾ نيڌرلينڊز جي مهارت مان فائدو کڻڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو. ناڻي واري وزير نيڌرلينڊز طرفان پاڪستان کي مختلف شعبن ۾ جاري مالي ۽ فني معاونت خاص ڪري پبلڪ فنانشل مئنجمينٽ ايس ايم اي ترقي، تجديد جوڳي توانائي ۽ ماحولياتي زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۾ تعاون تي ٿورو مڃيو. نيڌرلينڊز جي وزير پاڪستان جي سڌاره جاتي ايجنڊا جي حمايت جو عزم ورجايو ۽ پاليسي تسلسل، شفافيت ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير دؤري دوران عالمي بئنڪ جي سينيئر مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايڪسل وان ٽراٽسنبرگ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا ۾ عالمي بئنڪ جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ آءِ ايم ايف جي اي ايف ايف پروگرام جي ڪامياب جائزي ۽ ريزيليئنس اينڊ سسٽين ايبلٽي سهولت تحت جاري سڌارن کان آگاهه ڪيو. هن قومي گرين ٽيڪسانومي جاري ڪرڻ جو ذڪر پڻ ڪيو جيڪا عالمي بئنڪ جي معاونت سان تيار ڪئي وئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان حڪومت ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ ايندڙ 10 سالن واري ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي منظوريءَ جي آجيان ڪئي، جنهن ۾ ٻارن جي غذائي کوٽ، تعليم، ماحولياتي تحفظ، مالي وسيلن ۾ واڌ، ڪاربان ۾ گهٽتائي ۽ نجي سيڙپڪاري جهڙا اهم شعبا شامل آهن. هن فريم ورڪ تي مؤثر عملدرآمد ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي حاصلات لاءِ عالمي بئنڪ سان ويجهي حصيداري جي عزم کي ورجايو. دؤري دوران ناڻي واري وزير زرعي ترقيءَ بابت عالمي فنڊ (آءِ ايف اي ڊي) جي صدر الوارو لاريو سان به ملاقات ڪئي جيڪو ٻهراڙي جي ترقي ۽ خوراڪ جي نظام جي سڌاري تي ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جو ذيلي ادارو آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايف اي ڊي جي پُراڻن لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو جنهن تحت هن وقت تائين 29 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن جنهن سان تقريبن 28 لک ٻهراڙيءَ جا گهراڻا فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ آءِ ايف اي ڊي جي تعاون سان جاري 6 منصوبن جو به ذڪر ڪيو ۽ ان جي خدمتن کي ساراهيو. ملاقات ۾ پاليسي معاونت، پيشيوراڻي تربيت، ڪميونٽي انفراسٽرڪچر، مالي رسائي، ماحولياتي زراعت، ويليو چين ڊولپمينٽ ۽ موسمياتي ڌچڪن خلاف مزاحمت جهڙن منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وزير انٽرنيشنل چيمبر آف ڪامرس جي سيڪريٽري جنرل جان ڊينٽن سان به ملاقات ڪئي. ان موقعي تي واپار ۾ سهولت، ايس ايم اي ترقي، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان جي معيشت ۾ تبديلي، آءِ سي سي جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ملاقاتن دوران نجي شعبي جي شموليت، عالمي بهترين طريقيڪار ۽ اداره جاتي صلاحيتن جي بهتري جهڙن پاسن تي غور ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان ۾ پائيدار ۽ جامع ترقيءَ جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن. ٻه طرفيون ملاقاتون پاڪستان جي عالمي ترقياتي هدف سان هم آهنگ اقتصادي سڌارن، ترقياتي ماليات ۽ عالمي حصيدارن کي هٿي وٺرائڻ جي عڪاسي ڪن ٿيون.