ڪراچي-03 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اسلام آباد ۾ ايراني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي سفير رضا اميري مقدم سان ملاقات ڪئي.گورنر هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران علائقي ۾ تازي اسرائيلي جارحيت تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر اسرائيلي حملي جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سفارتخاني جي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا. هن اسلامي جمهوريه ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي، ان کي عالمي امن لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو. سنڌ جي گورنر ايراني اڳواڻ آيت الله خامنه اي جي صحت ۽ سلامتي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ايراني سفير سنڌ جي گورنر کي حج جي مبارڪباد ڏني ۽ سندس اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو. ايراني سفير وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان حڪومت جو ڏکئي وقت ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.