اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ آبادي جي انتظام بابت اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن آبادي جي مسئلي کي قومي ايمرجنسي قرار ڏيندي ۽ فوري ۽ مربوط قومي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو. رٿابندي واري وزير چيو ته آبادي جي منصوبابندي هڪ ماڻهو جي زندگي جي هر رخ تي اثر انداز ٿيندي آهي، صحت، تعليم، روزگار، هر شيءَ جو تعلق خاندان جي ڳاڻيٽي سان آهي، هن ٻڌايو ته پاڪستان دنيا جو پنجون سڀني کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ بڻجي چڪو آهي، جتي 80 سيڪڙو آبادي 40 سالن کان گهٽ عمر ۽ 66 سيڪڙو 30 ورهين کان گهٽ عمر جي آهي. هن انهن انگن اکرن کي ”ڳڻتي جوڳو“ قرار ڏيندي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ويجهي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ، سينيٽر روبينه خالد، سينيٽر شيري رحمان، بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن، گڏيل قومن، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، پاپوليشن ڪائونسل ۽ ٻين عالمي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. رٿابندي واري وزارت جي سوشل سيڪٽر جي ميمبر ڊاڪٽر صائمه بشير بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان جي 40 سيڪڙو آبادي ڪڏهن اسڪول ناهي ڏٺو، جڏهن ته صرف 25 سيڪڙو عورتون ليبر فورس جو حصو آهن. ڊاڪٽر سبينه دراني آبادي جي انتظام لاءِ ٽي سطحي گورننس ماڊل تجويز ڪيو جنهن ۾ قومي رهنمائي سان گڏوگڏ مقامي احتساب به شامل آهي. احسن اقبال چيو ته موجوده 2.55 سيڪڙو سالياني اوسر واري شرح تحت پاڪستان جي آبادي 2050ع تائين 38 ڪروڙ 60 لک کان وڌي ويندي. هن واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ 18 هين آئيني ترميم کانپوءِ آبادي جو موضوع صوبائي معاملو آهي پر ان جا اثر قومي سطح تي محسوس ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته قومي حڪمت عملي کانسواءِ معمولي ڪوششون ڪڏهن به نتيجا نٿيون ڏئي سگهن. وفاقي وزير موجوده اين ايف سي ايوارڊ فارمولي کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته 28 سيڪڙو مالي وسيلا آبادي جي بنياد تي ورهايا ويندا آهن، جنهن سان صوبن کي آبادي گهٽائڻ لاءِ ڪا مالي ترغيب نٿي ملي. هن چيو ته ان فارمولي تي نظرثاني ڪرڻ کانسواءِ صوبائي سنجيدگي ممڪن ناهي. هن وفاقي شمارياتي اداري کي هدايت ڪئي ته آبادي جو صوبي وار تفصيلي ڊيٽا فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اصل مسئلن جي نشاندهي ڪري سگهجي، هن ٻڌايو ته ڊجيٽل مردم شماري 2023ع موجب ملڪ جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 90 هزار ٿي چڪي آهي، جيڪا 2017ع جي ڀيٽ ۾ 3 ڪروڙ 38 لک جو اضافو آهي. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزارت جي ان تجويز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته وزيراعظم جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ اختيارياتي قومي ڪميشن قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ چار ئي وڏا وزير شامل هجن، ته جيئن ان بحران جو موثر حل ڪڍي سگهجي.سينيٽر شري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ هر 50 منٽن ۾ هڪ عورت ويم دوران پنهنجي ٻار کان محروم ٿي ويندي آهي، هن ڪميشن قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان جي پهرين گڏجاڻي کانپوءِ آبادي جي بحران کي قومي ايمرجنسي قرار ڏئي سگهجي ٿو. اجلاس ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته سماجي شعبي ۾ مستقل تبديليون پاليسي جي تسلسل ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ارڙهين ترميم کانپوءِ پيدا ٿيل اختيارن کي آبادي جي منصوبابندي ۾ وڏي رڪاوٽ قرار ڏنو، هن چيو ته مذهبي اڳواڻن جو اثر به هڪ وڏي رڪاوٽ آهي ۽ ٻهراڙي جي عورتن کي مارڪيٽس، يوٽيلٽي اسٽورز ۽ بيسڪ هيلٿ يونٽس تي مهم ذريعي آگاهي ڏيڻ ضروري آهي. هن اها به تجويز ڏني ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز، جهڙوڪ ٽڪ ٽاڪ کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. مذهبي معاملن واري وزير سردار محمد يوسف مذهبي قيادت ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي شامل ڪرڻ تي زور ڀريو، جڏهن ته سينيٽر روبينه خالد سڌ سماءَ واري وفاقي وزارت جي قيادت ۾ هڪ ڀرپور آگاهي مهم شروع ڪرڻ ۽ بي آءِ ايس پي ذريعي ملڪ گير سطح تي عوامي رابطا وڌائڻ جي تجويز ڏني، ڊاڪٽر زيبا سحر چيو ته اڳ وارا  ٽاسڪ فورسز اختيارن جي گهٽتائي سبب ناڪام رهيا. ڊاڪٽر سامعه رضوان (يونيسيف) ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هر ڪلاڪ ۾ 30 تازا ڄاول ٻار فوت ٿي ويندا آهن. هن چيو ته حڪومت کي ڳورهاري ٿيڻ کان اڳ واري صحت جي خدمتن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي ۽ مقامي ڪميونٽيز کي ان جو حصو بڻائڻو پوندو. ڊاڪٽر لوئي شبانه (يو اين ايف پي اي) صحت جي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ گهٽ ۽ ڊگهي مدي واري ترغيبن کي هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي نمائندي اين ايف سي ايوارڊ تحت موجوده مالياتي ڍانچي کي پراڻو ۽ غير موثر قرار ڏنو، جيڪو رڳو آبادي جي اضافي کي انعام ڏي ٿو. خيبرپختونخوا جي پاپوليشن ويلفيئر جي سيڪريٽري ڊاڪٽر انيلا محبوب دراني بنگلاديش جي ڪامياب مثال جو حوالو ڏنو جتي مذهبي اڳواڻن کي آبادي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ شامل ڪيو ويو. رٿابندي واري ڪميشن جي ميمبر آمنه ڪمال زور ڀريو ته آبادي بابت مهم ٺاهيندي عوام کي گهٽ نه سمجهيو وڃي ۽ خانداني منصوبابندي تي ڳالهائڻ ۾ شرمندگي محسوس نه ڪئي وڃي. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جي سربراهي ۾ قومي آبادي ڪميشن جي قيام تي اتفاق ڪيو، جيڪو سمورن صوبن جي نمائندگي سان گڏ آبادي جي مسئلي جي حل لاءِ قومي حڪمت عملي طئي ڪندو، هدف مقرر ڪندو ۽ احتساب جي نظام کي يقيني بڻائيندو.