ڪراچي-02 جولاءِ (اي پي پي) روٽري انٽرنيشنل جي صدر فرانسسڪو عريزو سال 26-2025ع لاءِ صدر جي عهدي جي چارج سنڀالي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته شڪيل احمد قائمخاني سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ ڊسٽرڪٽ گورنر جي حيثيت سان سال 26-2025ع لاءِ پنهنجُون ذميواريُون سنڀالي ورتيُون آهن. ان موقعي تي روٽري پبلڪ اِميج جو ڪوآرڊينيٽر سيد تهذيب ڪاظمي، اسسٽنٽ ڪوآرڊينيٽر پبلڪ اِميج محمد موسيٰ گوندل ۽ روٽري پبلڪ اِميج ٽيم پاران چونڊيل نون عهديدارن کي مبارڪباد ڏني وئي ۽ انهن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو.