سنڌ جي گورنر سان سعودي سفير جي ملاقات، گورنر کي حج جون واڌايون

ڪراچي-01 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اسلام آباد ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر سنڌ جڏھن سفارتخاني پھتو ته سندس مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ملڪ جي سلامتي، جاري صورتحال سوڌو دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر سنڌ بحيثيت شاھي مھمان حج جي ادائيگي ۽ …

ڪراچي-01 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اسلام آباد ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر سنڌ جڏھن سفارتخاني پھتو ته سندس مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ملڪ جي سلامتي، جاري صورتحال سوڌو دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر سنڌ بحيثيت شاھي مھمان حج جي ادائيگي ۽ انتظامن تي سعودي سفير جا ٿورا مڃيا. گورنر سنڌ چيو ته پاڪ – سعودي عرب جا ٻه طرفا لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رھيا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب ھر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. سڄي قوم سعودي خدمتن کي قدر جي نگاھ سان ڏسي ٿي. سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي گورنر سنڌ کي حج جون واڌايون ڏنيون.

مزید خبریں