اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ 5.3 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. يونائيٽيڊ اسٽيٽس جيولاجيڪل سروي طرفان فراهم ڪيل اطلاعن مطابق مقامي وقت مطابق بلوچستان جي اڪثر علائقن م صبح جو 3 لڳي 30 منٽن تي 5.3 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جو مرڪز بلوچستان ۾ واقع بارکان جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ 60 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو. زلزلي کان پوءِ فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن، عملدار صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن.