اسلام آباد -29 جون (اي پي پي) موسميات کاتي موجب برساتن جو سلسلو ايندڙ ٻن کان 3 ڏينهن تائين جاري رهندو. جڏهن ته سانوڻي جو ايندڙ اسپيل جو ايندڙ هفتي امڪان آهي. شهري اربن فلڊنگ واري خطري کي نظر ۾ رکندي الرٽ رهن. موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عرفان ورڪ شهرين کي اربن بلڊنگ جي خطري کان خبردار ڪندي چيو ته لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد، گجرانوالا ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو امڪان آهي، شهري ۽ لاڳاپيل ادارا چوڪس رهن ۽ امڪاني ٻوڏ لاءِ تيار رهن. هن چيو ته سانوڻي جي نئين اسپيل دوران وڏي پئماني تي برساتن جوا مڪان آهي، خاص طور تي هيٺاهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ جو وڌيڪ خطرو آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پڻ برساتن جو امڪان آهي، جنهن سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. هن شهرين کي مشورو ڏنو ته اهي ضروري احتياطي اپاءَ اختيار ڪن، موسم کان باخبر رهن ۽ برسات دوران ٻوڏ وارن علائقن ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪن ته جيئن حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن مقامي عملدارن تي زور ڀريو ته هو امڪاني برساتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن.