اسلام آباد -28 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي هفتي جا 7 ئي ڏينهن 24 ڪلاڪ ڪم ڪندڙ نادرا جي ميگا سينٽر بليو ايريا جو اوچتو دورو ڪيو، شهرين جي هاڪاري تاثرن تي انچارج ۽عملي کي شاباس ڏني ۽ وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق اوچتي دوري جي موقعي تي گهرو وزير نادرا ميگا سينٽر ۾ شهرين لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو ۽ سڃاڻپ ڪارڊز ۽ ٻيا دستاويز ٺهرائڻ لاءِ سينٽر تي آيل شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جا تاثر به معلوم ڪيا. گهرو وزير سڃاڻپ ڪارڊز ۽ ٻيا دستاويز ٺهرائڻ لاءِ وقت بابت معلوم ڪيو جنهن تي شهرين ميگا سينٽر ۾ مهيا ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. شهرين چيو ته هاڻي انتظار نٿو ڪرڻو پوي، وارو جلد اچي وڃي ٿو، شهرين گهرو وزير جو ٿورو به مڃيو ۽ چيو ته عملو به تمام گهڻو تعاون ڪندو آهي، اوهان جي اچڻ سان حالتون اڃا وڌيڪ بهتر ٿيون آهن. گهرو وزير شهرين جي هاڪاري تاثرن تي نادرا ميگا سينٽر جي شفٽ انچارج ۽ عملي کي شاباس ڏني ۽ وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي نادرا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. دوري دوران گهرو وزير ويٽنگ ايريا ۽ مختلف ڪائونٽرز تي وڃي شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ مسئلا معلوم ڪيا ۽ شهرين جي سڃاڻپ ڪارڊز سان لاڳاپيل مسئلا فوري طور حل ڪرڻ لاءِ موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا. گهرو وزير جديد خودڪار مشين جو معائنو پڻ ڪيو ۽ خود ڪار سڃاڻپ ڪارڊ نمبر داخل ڪرڻ ۽ فنگر پرنٽس ذريعي خودڪار نظام جي طريقي ڪار جو به مشاهدو ڪيو. گهرو وزير چيو ته هن سينٽر تي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي ته شهرين کي انتظار جي تڪليف نٿي ڪرڻي پوي. نادرا سينٽر ۾ بنا انتظار جي ڪم ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي. محسن نقوي چيو ته شهرين لاءِ هر سطح تي آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻندا رهنداسين.