پشاور -28 جون (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي خيبر پختونخوا صوبي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران صوبي ۾ شديد برساتن ۽ درياهن ۾ چاڙهه جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. جڏهن ته اداري پاران مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو پڻ خدشو ظاهر ڪيو آهي. اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل الرٽ بعد لاڳاپيل ادارن پاران صوبي جي مختلف علائقن ۾ امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ جاين لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي. جڏهن ته سياحن کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي تربيلا ڍنڍ وارن علائقن دوڙ درياهه، سرن درياهه، سنڌو درياهه جي ڪناري ڀرسان سياحتي ماڳن ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪن. ضلعي انتظاميه کي پڻ هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ايمرجنسي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي.