اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت راندين جي هر ميدان ۾ ميرٽ جي بنياد تي ٽيلنٽ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪرڪيٽ سميت راندين جي هر ميدان ۾ مرد ۽ عورتن کي هڪ جهڙا موقعا ۽ سهولتون ڏيڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد …
حڪومت راندين جي هر ميدان ۾ ميرٽ جي بنياد تي ٽيلنٽ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت راندين جي هر ميدان ۾ ميرٽ جي بنياد تي ٽيلنٽ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪرڪيٽ سميت راندين جي هر ميدان ۾ مرد ۽ عورتن کي هڪ جهڙا موقعا ۽ سهولتون ڏيڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ناليواري ڪرڪيٽر ثنا مير ملاقات ڪئي. وزيراعظم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي هال آف فيم ۾ ثنا مير جو نالو شامل ٿيڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جي طور تي ثنا مير جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته توهان جي قيادت ۾ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو، اميد آهي توهان پنهنجي تجربي سان نئين ٽيلينٽ کي ڪرڪيٽ جي حوالي سان تربيت فراهم ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت راندين جي هر ميدان ۾ ميرٽ جي بنياد تي ٽيلينٽ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪرڪيٽ سميت راندين جي هر ميدان ۾ مرد ۽ عورتن کي هڪ جهڙا موقعا ۽ سهولتون ڏيڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ثنا مير وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته منهنجي پوري ڪوشش آهي ته ورلڊ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ۽ آءِ سي سي ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪريان. ثنا مير پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ خاص طور تي عورتن جي ڪرڪيٽ کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان تجويزون ڏيندي چيو ته اميد آهي ته حڪومت پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي ميدانن ۽ نئين ٽيلينٽ جي فروغ ۽ خاص طور تي عورتن جي ڪرڪيٽ جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي.












