اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گهريلو صارفين جي لاءِ گئس جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته صنعتن ۽ بجلي گهرن جي لاءِ گئس جي قيمت ۾ سراسري 10 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اجلاس ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنز جي لاءِ فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار واري خاص معاون هارون اختر خان ۽ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنز جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جاري مالي سال دوران مختلف وزارتن ۽ ڊويزن جي جاري اسڪيمن ۽ منصوبن جي خرچن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مختلف فني ضمني گرانٽس جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي دفاع واري وزارت جي لاءِ پگهارن ۽ مراعتن جي ادائيگي، ملازمن ۽ ٻين لاڳاپيل خرچن ۽ تازي پاڪ – ڀارت جنگ جي شهيدن جي لاءِ وزيراعظم جي پئڪيج تحت رهتن جي ادائيگي جي ڏس ۾ 15.839 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ جاري مالي سال جي دوران آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آفيس ۽ رهائشي عمارتن جي مسواڙ جي لازمي ادائيگين جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وزارت جي لاءِ 6.3 ڪروڙ رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اهڙي طرح ناڻي واري وزارت جي سمري تي ملڪي قرضن جي ادائيگي جي لاءِ 829.67 ارب رپيا ۽ غيرملڪي قرضن جي ادائيگي جي لاءِ 1774.20 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا ۽ گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت جي لاءِ 1.765 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي، اهي گرانٽس فرنٽيئر ڪور خيبرپختونخواهه (اتر ۽ ڏکڻ) ۽ فرنٽيئر ڪور بلوچستان (اتر ۽ ڏکڻ) جي آپريشنل ضرورتن ۽ واجب الادا رهتن جي ادائيگي جي لاءِ ڏنيون ويون. اجلاس ۾ اسلام آباد پوليس جي مختلف هيڊز آف اڪائونٽس تحت واجب الادا رقم جي ادائيگي جي لاءِ گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سمري تي 30 ڪروڙ رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سمري تي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ امن امان بابت خدمتون فراهم ڪندڙ مختلف وينڊرز جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سمرين تي اسلام آباد پوليس اسٽيشنز ۾ جديد جاچ جي ساز ۽ سامان جي فراهمي ۽ ماحول جي بهتري جي لاءِ 5.2241 ڪروڙ رپيا ۽ فرنٽيئر ڪور خيبرپختونخواهه (اتر) جي حوالي سان 10 ڪروڙ رپين جي فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ پلاز ڊويزن جي سمري تي اسپارڪو جي لاءِ 5.5 ارب رپيا فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزارت جي سمري تي 11.797 ڪروڙ رپين جي ٽي ايس جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اهڙي طرح بلوچستان حڪومت کي پي ايس پي ۽ پي اي ايس آفيسرن جي مقرري جي بدلي ڏني ويندڙ ترغيبي اسڪيم جي مد ۾ فنانس ڊويزن جي لاءِ 25.457 ڪروڙ رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ ايگزيڪيوٽو بلڊنگ جي مرمت ۽ بحالي جي خرچن جي مد ۾ گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت جي لاءِ 19.8 ڪروڙ رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن پاران پيش ڪيل سمري تي پڻ غور ٿيو جنهن ۾ ايندڙ مالي سال جي لاءِ قدرتي گئس جي قيمتن جي نظرثاني ٿيل ڍانچي جي منظوري گهري وئي هئي جيڪا پهرين جولاءِ 2025ع کان لاڳو ٿيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اوگرا آرڊيننس تحت وفاقي حڪومت اوگرا جي قيمتن جي تعين جي 40 ڏينهن جي اندر اندر نظرثاني ٿيل صارف گئس قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي پابندي آهي ته جيئن لاڳت جي وصويل ۽ ريگيوليٽري گهرجون پوريون ڪري سگهجن، اها تجويز عالمي مالياتي فنڊ سان طئي ٿيل ڍانچاجاتي بئنچ مارڪس موجب به آهي جن ۾ ڪيپيٽو پاور ٽيرف جو توازن ۽ گهٽ آمدني وارن صارفين جي لاءِ اڻ سڌي طرح سبسڊي بدران سڌوسنئون امداد طرف منتقلي شامل آهي. اي سي سي توانائي شعبي جي ٽيرف ۾ تجويز ڪيل ايڊجسٽمنٽ تي غور ڪندي گهريلو صارفين کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ گئس جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو رڳو فڪسڊ چارجز کي اثاثن جي لاڳت وصولي جي لاءِ گهريلو سيڪٽر ۾ ٻيهر ايڊجسٽ ڪيو ويو. صنعتن ۽ بجلي گهرن جي لاءِ گئس جي قيمت ۾ سراسري 10 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پاران کنڊ جي درآمد بابت هڪ تجويز جو پڻ جائزو ورتو ويو. اي سي سي ان تجويز جو جائزو وٺڻ کانپوءِ 10 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن جي سربراهي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير ڪندو. ان ڪميٽي ۾ واپار وارو وزير، پرڏيهي وزارت جي لاءِ وزيراعظم جو خاص معاون، فنانس سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻيا شامل هوندا، ڪميٽي اي سي سي جي آڏو پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ فنانس ڊويزن پاران هوم ريميٽنس انسنٽيو اسڪيم ۾ تبديلي بابت سمري جو پڻ جائزو ورتو ويو. اي سي سي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ فنانس ڊويزن کي جامع منصوبو جوڙي 31 جولاءِ تائين پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ فنانس ڊويزن پاران پيشڪيل ننڍي آبادگارن ۽ پٺتي پيل علائقن جي لاءِ رسڪ ڪوريج اسڪيم شروع ڪرڻ جي تجويز پڻ جائزو ورتو ويو ۽ ان جي اصولي طور تي منظوري ڏني وئي. اي سي سي هدايت ڪئي ته اسڪيم کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ اضافي حفاظت قدم شامل ڪيا وڃن ته جيئن اهو منصوبو 14 آگسٽ 2025ع تي شروع ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اها اسڪيم امڪاني طور تي 7.5 لک نئين زرعي قرض ڏيندڙن کي رسمي مالياتي نظام ۾ شامل ڪندي، مالي سال 2026ع کان 2028ع دوران 300 ارب رپين جا اضافي قرض فراهم ڪيا ويندا. ان منصوبي تحت بئنڪن جي رسڪ ڪوريج ۽ آپريشنل خرچن جي لاءِ بجيٽ جي ضرورت 37.5 ارب رپيا هوندي جيڪا مالي سال 2027ع کان 2031ع جي وچ ۾ خرچ ڪئي ويندي.