اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پيٽروليم واري وزير، زراعت ۽ صنعت جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي ڀاڻ جي اسٽاڪ جي سطح ۽ قيمت ۾ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ڀاڻ سيڪٽر کي گئس جي فراهمي 30 سيپٽمبر 2025ع تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ان جي مسلسل دستيابي کي يقيني بڻائي سگهجي.