اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان الحق صديقي چيو آهي ته لاڳيتو ٻن جنگين جي ڏس ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪرڻ ۽ هڪ متوازن بيانيو دنيا آڏو آڻڻ جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس انتهائي شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. هن ڪميٽي جي ميمبرن شيري رحمان ۽ مصدق ملڪ جي خدمتن کي ساراهيو جيڪي پارلياماني وفد جي ميمبرن جي طور تي بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ دنيا کي پاڪستاني موقف کان آگاهي جي لاءِ سرانجام ڏنيون. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ اعليٰ عهديدارن ڪميٽي ميمبرن کي ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن کانپوءِ جي صورتحال، ان ڏس ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ مستقبل جي امڪانن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري چيو ته اسان جون سموريون ڪوششون خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ تي مرڪوز آهن ۽ پاڪستان ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن جي حصيداري سان انتهائي موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان الحق صديقي انهن قدمن کي ساراهيندي چيو ته مختلف عالمي فورمز تي ڀارت جو اڪيلو رهجي وڃڻ ان جي شڪست ۽ اسان جي بيانيي جي فتح آهي. ڪميٽي جي ان ڪئميره اجلاس ۾ سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ، سينيٽر مصدق ملڪ، سينيٽر بئريسٽر علي ظفر ۽ سينيٽر ذيشان خانزاده شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزارت جي نمائندگي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ٻين سينيئر عهديدارن ڪئي.