راولپنڊي – 27 – جون (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف چيو آهي ته روايتي جنگي حڪمت عملي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، پاڪ بحريه هر قسم جي روايتي ۽ غيرروايتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف …
روايتي جنگي حڪمت عملي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي: چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف
راولپنڊي – 27 – جون (اي پي پي) چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف چيو آهي ته روايتي جنگي حڪمت عملي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، پاڪ بحريه هر قسم جي روايتي ۽ غيرروايتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور جو دورو ڪيو، نيول چيف خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان کي درپيش ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز تي خيالن جو اظهار ڪيو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف 54هين اسٽاف ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو. هن چيو ته بحر هند جي خطي ۾ طاقت جي عالمي ڪشمڪش جي ڪري مسلسل تبديليون رونما ٿي رهيون آهن، روايتي جنگي حڪمت عملي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، مستقبل جون جنگيون کٽڻ جي لاءِ ذهين ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس افرادي قوت جي تياري انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪ بحريه هر طرح جي روايتي ۽ غيرروايتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي، نيول چيف ڪورس جي شرڪت ڪندڙن جي پيشيواراڻي محنت ۽ لگن کي ساراهيو ۽ ڪورس مڪمل ڪندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏني.












