اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ايراني سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان ڳالهه کي خوش آئنده قرار ڏنو ويو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي پڻ موجود هئا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جا لاڳاپا مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي مضبوط رشتن ۾ واڳيل آهن، اسرائيل جو ايران تي حملو عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي جيڪو خطي ۽ دنيا جي امن جي لاءِ شديد خطرو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته دنيا کي هن وقت جنگين جي نه، امن جي ضرورت آهي، پاڪستان خطي ۾ سدائين امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو موثر ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جنگ ۾ ڀارت اسرائيل ڳٺ جوڙ واضح ٿي ويو، ايران ۽ پاڪستان جي فتح ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي، ايران – اسرائيل جنگ ۾ ڀارت جي منفي ڪردار ايران کي ڀارت سان لاڳاپن جو ٻيهر جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيلي حملن ۾ فلسطين ۾ 50 هزار کان وڌيڪ انساني جانين جو زيان هر پاڪستاني جي لاءِ دل ڏکوئيندڙ سانحو آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام ايران جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا، پاڪستان جي پارليامينٽ سڀ کان پهرين قرارداد جي ذريعي ايران تي حملي جي مذمت ڪئي. هن چيو ته اٽڪل 2 سئو کان وڌيڪ پارليامينٽ ميمبرن بجيٽ 26 – 2025ع جي تقريرن جي وچ ۾ ايران سان يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو آهي، ايران اسرائيل جنگ ۾ ڀارت جو ڪردار ۽ رويو منفي رهيو آهي، پاڪستان – ڀارت ۽ ايران – اسرائيل جنگ پوري دنيا جي لاءِ پيغام آهي ته دنيا کي امن جي ضرورت اهي، اسرائيلي قدم علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو آهن، عالمي برادري عالمي قانونن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسرائيلي اشتعال انگيزي کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسرائيلي حملا عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ابتڙ آهن، ايران پاڪستان جو اعتماد جوڳو ڀائر پاڙيسري ملڪ آهي، پاڪستان ايران سان پارلياماني ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني رابطا ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ايران سان پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، پارلياماني رابطا عوام جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي. ايراني سفير چيو ته ايراني عوام ۽ حڪومت پاڪستان جي عوام، حڪومت، پارليامينٽ ۽ ميڊيا جا دل شڪرگذار آهن، پاڪستان مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏئي ثابت ڪيو ته هو ايران جو سچو دوست آهي. ايراني سفير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جا ٿورا ادا ڪيا ته هن سڀ کان پهرين يڪجهتي جو اظهار ڪيو، پاڪستان سمورن عالمي فورمز تي ايران جي حمايت ڪئي جنهن جو ايران دل سان شڪرگذار آهي. هن چيو ته ايران جي پارليامينٽ ۽ حڪومت پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف، پارليامينٽ ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جا دل سان ٿورائتا آهن. هن چيو ته اسرائيل جي حملي جو مقصد بنيادي طور تي ايران جي ائٽمي پروگرام کي نقصان پهچائڻ هو، اسرائيل جي ڪمزور صورتحال جي ڪري آمريڪا ان جنگ ۾ سڌوسنئون شامل ٿيو، خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ايراني سفير رضا اميري مقدم ٻطرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني تعاون جي اهميت کي ساراهيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي.