ڪراچي-18 جون (اي پي پي) سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار فلمسازي کي ھمٿائڻ جي لاءِ گذريل سال کان ئي ڪم شروع ڪري چُڪي آھي ۽ فلمسازن کي ھمٿايو پيو وڃي ته اُھي پوري دُنيا ۾ پاڪستان جي قومي موقف کي ھٿي وٺرائين. اهڙو اظهار هن پاڪستان انٽرنيشنل فلم فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انڊسٽري ۾ انٽليڪچوئل پراپرٽي رائيٽس بابت اھم مڪالمي جو به بندوبست ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۽ حڪومتن ماضي ۾ انٽليڪچوئل پراپرٽي رائيٽس جھڙي اھم معاملي کي نظر انداز ڪيو ويو. اُن سلسلي ۾ موجود قانونن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي. سندس چوڻ ھو ته جيڪڏھن تخليقي ڪمن جا حق ۽ واسطا محفوظ نه ھجن ته اُھي آساني سان چوري ٿي ويندا آھن، جنھن سان فنڪارن ۽ تخليقيڪارن جي حوصلا شڪني ٿيندي آھي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس کي نصاب جو حصو بڻايو وڃي ته جيئن نوجوانن کي آئيڊياز ۽ تحقيقي ڪمن جي حق بابت ڄاڻ ڏئي سگھجي. ھن چيو ته ڀارت ۾ 100کان وڌيڪ فلمون پاڪ – ڀارت جنگ تي ٺاھيون پيون وڃن ته جيئن ڪوڙي بيانئي کي هٿي ڏئي سگھجي پر ڀارت حقيقت ۾ نه رڳو فلمن ۾ ئي کٽي سگھي ٿو، ھن چيو ته ڀارتي ميڊيا سدائين ڪوڙي بيانئي کي سهڻي نموني پکيڙيو آھي، جڏھن ته اسان کي پاڪستان جو سچو بيانيو پوري دُنيا ۾ ڦھلائڻ جي ضرورت آھي. فيسٽيول جي روح روان سلطانه صديقي چيو ته نوجوانن کي نئين ٽيڪنالاجي ۽ فلمسازي جي ميدان ۾ سکيا ڏيڻ جي ضرورت آھي ته جيئن اُھي پنھنجي تخليقي صلاحيتن جو ڀرپور انداز ۾ اظھار ڪري سگھن. ھن چيو ته پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ ۾ پاڪستاني ميڊيا بردباري جو مظاھرو ڪيو جيڪا ڳالھ واکاڻ جوڳي آھي. فيسٽيول جي ڊائريڪٽر مصباح خالد چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل فلم فيسٽيول جو پھريون ڏينھن آھي ۽ اسان جو مقصد نوجوانن کي موقعو فراھم ڪرڻ آھي. ھن حڪومت کي اپيل ڪئي ته حڪومت سندن ڪوششن ۾ ساٿ ڏئي. انٽليڪچوئل پراپرٽي رائٽس پاڪستان جي سربراھ فرخ عامل چيو ته پاڪستان گھڻ ثقافتي ۽ گھڻ ٻولين وارو ملڪ آھي ۽ فلم فيسٽيول اسان جي ثقافتي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ جو بھترين ذريعو آھي. ھن چيو ته فنون لطيفه جي شعبي سان واڳيل ماڻھن جي ڪاپي رائٽس بابت آگاھي تمام ضروري آھي ۽ ادارو اُن حوالي سان قانونن ۾ ترميمن تي ڪم ڪري رھيو آھي. اي ايم آءِ ميوزڪ جي سي اي او حميد رياض چيو ته پاڪستان ۾ فلمون ۽ گانا تھ ٺھي رھيا آھن پر ڪاپي رائٽس تي ڪوبه ڌيان نه پيو ڏنو وڃي جنھن جو نقصان اسان جي فنڪارن کي ٿي رھيو آھي. فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان، چين ۽ جرمني سميت ڪيترن ئي ملڪن جون فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون وينديون.