برسلز – 12 جون (اي پي پي) يورپي يونين اسرائيل تي زور ڀريندي چيو آھي ته اھو پنھنجي انتھاپسند وزير جي ان مھم کي روڪي جنھن تحت ناڻي واري وزير بذاليل سموٽريچ فلسطينين جي مالياتي ادارن کي جام ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ھڪ ڏينھن اڳ اسرائيل جي ناڻي واري وزير اسرائيلي بئنڪن کي اھا ھدايت ڪئي ھئي ته ھو والاريل اولھه ڪناري ۾ قائم فلسطيني ادارن سان سھڪار بند ڪن. ان کان اڳ اسرائيل جي حڪومت انھن بئنڪن کي فلسطيني ادارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي ڇوٽ ڏني ھئي. يورپي يونين فلسطينين خلاف نون اسرائيلي انتقامي قدمن تي گھري ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو آھي ته والاريل اولھه ڪناري ۾ اڳ ئي فلسطيني معيشت تباھي جو شڪار آھي ۽ اھا تباھي فلسطين جي اٿارٽي جي مڪمل طور تي ختم ڪري سگھي ٿي. يورپي يونين طرفان اربع ڏينھن ان ڳڻتي جو اظھار ترجمان انونر ڪيو آھي. ترجمان مطالبو ڪيو ته اسرائيل فوري طور پنھنجي ان فيصلي کي واپس وٺي ڇو ته اھڙو ڪو به قدم فلسطيني اٿارٽي کي مڪمل طور تي تباهه ڪرڻ برابر هوندو. ان پيدا ٿيل صورتحال ۾ فلسطين جو معاشي ۽ بنڪاري نظام مڪمل طور ان ڳالهه جو محتاج ٿي ويو آھي ته اسرائيل پنھنجو اھو فيصلو واپس وٺي ۽ بئنڪن جي ڇوٽ بحال ڪري ته جيئن اولھه ڪناري جي فلسطين جي مالياتي ادارن سان سھڪار ڪري سگھن. ان ڇوٽ ذريعي اسرائيلي بئنڪن کي اھو تحفظ حاصل ٿي ويندو آھي ته اھي فلسطينين سان مالي سطح تي ڏي وٺ ڪري سگھن ٿا ۽ انھن کان اسرائيلي ادارا پڇا ڳاڇا نه ٿا ڪري سگھن.