اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ سينيئر عملدارن جي ڳالهه ٻولهه جو نائون دور آسٽريليا جي گادي واري شهر ڪينبرا ۾ منعقد ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ڊاڪٽر سيد علي اسد گيلاني ڪئي جڏهن ته آسٽريلوي وفد جي سربراهي ۾ پرڏيهي کاتي ۽ واپار جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ڊويزن جي فرسٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري ساره اسٽوري ڪئي. …
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ سينيئر عملدارن جي ڳالهه ٻولهه جو نائون دور آسٽريليا جي گادي واري شهر ڪينبرا ۾ منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ سينيئر عملدارن جي ڳالهه ٻولهه جو نائون دور آسٽريليا جي گادي واري شهر ڪينبرا ۾ منعقد ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ڊاڪٽر سيد علي اسد گيلاني ڪئي جڏهن ته آسٽريلوي وفد جي سربراهي ۾ پرڏيهي کاتي ۽ واپار جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ڊويزن جي فرسٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري ساره اسٽوري ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ملڪن ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن شعبن ۾ اعلى سطح جي مٽاسٽا، سياسي رابطا، اقتصادي ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، دفاع، سلامتي، دهشتگردي جو خاتمو، سرحد پار ڏوهن جي روڪٿام ۽ موسمياتي تبديلي شامل هئا. ٻنهي ڌرين علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري آسٽريلوي وفد کي وچ اوڀر ۾ بحرانن جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ ڏکڻ ايشيا جي علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ سنڌ طاس معاهدي جي ڀارت پاران مسلسل خلاف ورزين تي پڻ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. ان موقعي تي آسٽريليا – پاڪستان گڏيل واپاري ڪميٽي جو ڏهون اجلاس پڻ ڪينبرا ۾ منعقد ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت واپار واري وزارت جي سيڪريٽري جواد پال خواجه ڪئي جڏهن ته آسٽريلوي وفد جي سربراهي پرڏيهي کاتي ۽ واپار جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيا واري ڊويزن جي فرسٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري ساره اسٽوري ڪئي. اجلاس ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ خاص طور تي زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي)، کاڻين جي کوٽائي ۽ خدمتن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين منڊين تائين بهتر پهچ ۽ واپار بابت مسئلن خاص طور تي پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات کي درپيش معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ عالمي واپاري رجحانن، انهن جي ٻطرفي واپار تي امڪاني اثرن ۽ عالمي واپاري تنظيم سميت گهڻ رخي واپاري نظام تحت تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي موقعن جو پڻ جائزو ورتو ويو. بيان موجب ان ڳالهه ٻولهه ٻنهي ملڪن کي ٻطرفي لاڳاپن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ، تعاون جا نوان امڪان ڳولڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.










