ڀارت جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جو هڪطرفو ۽ غيرقانوني قدم بري طرح ناڪام ٿي چڪو آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

راولپنڊي- 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جو هڪطرفو ۽ غيرقانوني قدم بري طرح ناڪام ٿي چڪو آهي جنهن کي ڪشميري عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڪشميري عوام سان مضبوط جبل وانگر بيٺل آهي ۽ خودمختياري جو …

راولپنڊي- 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جو هڪطرفو ۽ غيرقانوني قدم بري طرح ناڪام ٿي چڪو آهي جنهن کي ڪشميري عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڪشميري عوام سان مضبوط جبل وانگر بيٺل آهي ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي هر سطح تي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي سلسلي ۾ وقار النساءَ ڪاليج راولپنڊي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرمين انجنيئر قمرالاسلام راجا، قومي اسيمبلي ميمبر آسيه ناز تنولي، ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي نديم ناصر، صوبائي اسيمبلي ميمبر شازيه ر ضوان، وقارالنساءَ ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر زاهد پروين، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جا ڀارتي هڪطرفا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي واضح خلاف ورزي هئا جن کي دنيا جو ڪو به مهذب ۽ قانون پسند معاشرو قبول نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڀارت طاقت، ڏاڍ ۽ هڪطرفي قانونسازي جي ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري حيثيت تبديل نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته علائقي ۾ آباديءَ جو تناسب تبديل ڪرڻ، غيرمقامي ماڻهن کي آباد ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي مذهبي، ثقافتي ۽ قومي سڃاڻپ کي مٽائڻ جون سموريون ڀارتي ڪوششون ناڪام ٿينديون. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج جي بدترين ظلمن، گهيراءُ، جبري گرفتارين، اظهار راءِ جي پابندين ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي باوجود ڪشميري عوام جو آزادي جو جذبو ڪمزور ناهي ٿيو ۽ هو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي مڃيل خودمختياري جي حق لاءِ لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي حمايت کي پنهنجي قومي ذميواري سمجهي ٿو ۽ اها حمايت ان وقت تائين پوري قوت سان جاري رهندي جيستائين انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل  جي قراردادن موجب آزاداڻي ريفرنڊم ذريعي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق حاصل نٿو ٿي وڃي. هن عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو ته اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري رياستي ڏاڍ، انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ آباديءَ جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن جو فوري نوٽيس وٺن ۽ ڀارت کي عالمي قانونن، جنيوا ڪنوينشنز ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جو پابند بڻائين. هن چيو ته ڪشمير مسئلو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو بنياد آهي ۽ ان جو منصفاڻو، پائيدار ۽ پرامن حل ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ئي ممڪن آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو دنيا جي ضمير کي جنجهوڙڻ جو ڏينهن آهي ۽ پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. ان موقعي تي نيوٽيڪ جي چيئرمين انجنيئر قمرالاسلام راجا چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڀارتي پروپئگنڊه جو موثر مقابلو ڪرڻ جي لاءِ قومي سطح تي جامع، ٺوس ۽ موثر بيانيو جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاليسي سازن ۽ اطلاعات واري وزارت کي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪندي عالمي سطح تي ڀارت جي بي بنياد پروپئگنڊه کي موثر انداز ۾ بي نقاب ڪرڻو پوندو. هن چيو ته 5 آگسٽ رڳو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف استحصال ڏهاڙو ئي نه پر اسان جي لاءِ خود احتسابي جو ڏينهن پڻ آهي. رڳو علامتي قدمن بدران موثر، عملي ۽ ڪارائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هر موقعي تي ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي جڏهن ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي فرمان جي روشني ۾ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ قومي عزم ۽ قربانين جو سفر اڄ به جاري آهي. انجنيئر قمرالاسلام راجا چيو ته دشمن جي منفي ۽ گمراهه ڪندڙ بيانيي جو موثر جواب ڏيڻ جي لاءِ طرز حڪمراني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، اداراجاتي سڌارا لاڳو ڪرڻ، بيوروڪريسي ۽ عوامي نمائندن جي معاملن ۾ شفافيت کي فروغ ڏيڻ ۽ قومي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عوامي محرومين جو خاتمو، قومي يڪجهتي جو فروغ ۽ مضبوط داخلي نظام ئي پاڪستان جي موقف کي عالمي سطح تي وڌيڪ موثر بڻائي سگهي ٿو.