سنڌي ٻولي جديد دور جون سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ جي اھل آهي: ڊاڪٽر شير مھراڻي

حيدرآباد- 05 آگسٽ (اي پي پي)سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري(سنڌي لئنگيج اٿارٽي) سنڌي ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ ان جي اثرائتي استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ”اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ ڊيٽابيس“ (ڳالھائجندڙ لفظ مشين ذريعي لکڻ) جي موضوع تي هڪ ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرايو. ورڪشاپ جو بنيادي مقصد سنڌي ٻوليءَ جي معياري صوتي ڊيٽابيس جي تياري، ڊيٽا جي معيار کي …

حيدرآباد- 05 آگسٽ (اي پي پي)سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري(سنڌي لئنگيج اٿارٽي) سنڌي ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ ان جي اثرائتي استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ”اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ ڊيٽابيس“ (ڳالھائجندڙ لفظ مشين ذريعي لکڻ) جي موضوع تي هڪ ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرايو. ورڪشاپ جو بنيادي مقصد سنڌي ٻوليءَ جي معياري صوتي ڊيٽابيس جي تياري، ڊيٽا جي معيار کي يقيني بڻائڻ، ليبلنگ، آڊيو ڊيٽا جي پروسيسنگ ۽ ان کي جديد اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ ٽيڪنالاجيءَ لاءِ ڪارآمد بڻائڻ بابت عملي ۽ نظرياتي ڄاڻ فراهم ڪرڻ هو، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ لاءِ جديد ڊجيٽل سهولتن جي ترقيءَ ۾ مدد ملي سگهي. ورڪشاپ جي صدارت اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪئي، جنهن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌي ٻولي جديد دور جون سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ جي اھل آهي. هن چيو ته موجوده دور مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي، تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ کي به جديد گهرجن مطابق ترقي ڏيارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته معياري اسپيچ ڊيٽابيس جي تياري سان سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽري استعمال، خودڪار ترجمي، وائس ڪمانڊ، موبائل ايپليڪيشنن ۽ تحقيق جي ميدان ۾ نوان امڪان پيدا ٿيندا. ورڪشاپ ۾ تربيتي ماهرن عبيدالله ٿھيم ۽ فھد قاضيءَ شرڪت ڪندڙن کي اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ سسٽم جي بنيادي اصولن، صوتي ڊيٽابيس جي تياري، آڊيو رڪارڊنگ جي معيار، ڊيٽا ليبلنگ، ڊيٽا جي صفائي ، معيار جي جاچ ۽ مصنوعي ذهانت جي مختلف ماڊلز ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني. هنن عملي مشقن ذريعي شرڪت ڪندڙن کي اهو پڻ سيکاريو ته معياري آڊيو ڊيٽا کي اهڙي نموني تيار ڪيو وڃي ته جيئن ان مان وڌيڪ درست ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن. هنن چيو ته اسان جلد اهڙو ماڊل تيار ڪنداسين جنهن جي مدد سان آپريٽر جي مدد کانسواءِ ڳالھائجندڙ سنڌي لفظ سنئون سڌو ڪمپيوٽر لکي سگهندو.