ڪراچي-12 جون (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻارن جي تحفظ ۽ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صوبائي حڪومت خاص بجيٽ رکي آهي.ٻارن کي پورهئي کان آجو ڪرڻ لاءِ اسان جو عزم وڌيڪ مضبوط آهي. جاري بيان ۾ وڏي وزير ٻارن کان پورهيو وٺڻ خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته سنڌ حڪومت چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ اسڪولن ۾ داخلا مهم کي اثرائتو بڻايو آهي، چائلڊ ليبر خلاف قانون تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويو آهي، ٻارن کان پورهيو وٺڻ ڏوهه آهي، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ ايل او ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد اسان جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ سماجي تنظيمون ۽ يونيسيف سان حصيداري کي هٿي وٺرائي رهيا آهيون. 2025ع دوران سنڌ ۾ چائلڊ ليبر ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته صوبي مان چائلڊ ليبر جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي. مراد علي شاهه چيو ته اسڪول واپسي مهم تحت هزارين ٻارن کي پورهئي کان ڪڍي تعليم طرف آندو ويو آهي، چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڄاڻ مهم ذريعي ٻارن جي صحت، تعليم، تحفظ ۽ ڀلائي وارن قدمن تي ڪم جاري آهي.