ڪراچي-11 جون (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار ايندڙ مالي سال 26-2025ع ۾ وڌيڪ بسن جي خريداري ۽ اي وي ٽيڪسين ۽ اسڪوٽرز لاءِ جوڳي بجيٽ مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اسان چاھيون ٿا ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ھر شھري کي جديد سفري سھولتون ملي سگھن. سنڌ سرڪار جيڪي منصوبا شروع ڪيا آھن اُنھن جو مقصد ٽريفڪ جي نظام کي منظم ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد بڻائڻ آھي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي اھم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم ۾ تيزي جون ھدايتون جاري ڪيون.اجلاس ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار ماحولياتي لحاظ کان جٽادار ۽ جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم جي قيام لاءِ پرعزم ۽ عوام جي لاءِ ماحول دوست ۽ سستين سفري سھولتن جي فراھمي لاءِ لڳاتار ڪوششون وٺي رھي آھي.هن چيو تھ ڪراچي لاءِ وڌيڪ بسون جلد پھچڻ جي اميد آھي، ڪراچي جي شھرين جي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون بھ آڻي رھيا آھيون، اسان ڪراچي ۾ اي وي بس سروس، پيپلز بس سروس جھڙا ڪامياب منصوبا شروع ڪيا صوبي جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ھي نيٽ وڇائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رھيا آھيون.اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي تحت مختلف رٿائن پيپلز بس سروس، اي و ي اسڪوٽرز سميت ٻين اھم معاملن بابت جامع جائزو ورتو ويو ۽ اي وي گاڏين جي لاءِ مختلف ھنڌن تي چارجنگ انفرا اسٽرڪچر جي قيام بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ٽرانسپورٽ کاتي جي مالي سال 25-2024ع جي رٿائن تي بھ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ ايندڙ مالي سال ۾ تجويز ڪيل منصوبن تي جامع ڳالھيون ٿيون. سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي پاران سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت مختلف سيڙپڪارن پاران بس سروس شروع ڪرڻ بابت بھ آگاھي ڏني وئي.اجلاس کي اھو بھ ٻڌايو ويو تھ ييلو لائن بي آر ٽي جي اھم حصي ڄام صادق پُل جو ڪم مڪمل ٿي چُڪو آھي جنھن جو ھلندڙ مھيني افتتاح ڪري سگھجي ٿو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او فواد غفار سومرو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.