تهران – 11 جون (اي پي پي)ايران جي پارليامينٽ ميمبرن ان خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ڪري ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهين کي ” اسٽريٽجڪ ٽريپ “ ۾ بدلائڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق پارليامينٽ جي ميمبرن جو اهو بيان اهڙي وقت تي سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جو ڇهون دور ويجهو آهي ۽ ايران ڳالهين جي ان دور ۾ به وڃڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي . ايران جي پارليامينٽ ميمبرن اهو به چيو ته آمريڪا ڳالهين لاءِ سنجيده نٿو نظر اچي پر اهو ڳالهين کي مسئلو حل ڪرڻ بدران ٻيهر وڌائڻ ۽ نوان مطالبا مڙهڻ لاءِ اهو ڳالهين جو دور شروع ڪري رهيو آهي . انڪري اهڙا مطالبا جارحاڻي طور سامهون اچي رهيا آهن جيڪي ايراني حقن خلاف آهن . ياد رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ سومر ڏينهن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو آهي ته ڌريون يورينيم رچاءَ جي ڏکيائين مان نڪرڻ تي پنهنجي پنهنجي موقف کان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهن . ان بابت ايراني پارليامينٽ ميمبرن واضع ڪيو آهي ته ان نقطي تي ڪي ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.