واشنگٽن – 11 جون(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا سڄي دنيا ۾ يو ايس ايڊ جون سموريون نوڪريون 30 سيپٽمبر تائين ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. پرڏيھي ميڊيا کي مليل ھڪ سرڪاري دستاويز مطابق پرڏيھي وزير مارڪوروبيو يو ايس ايڊ جون سموريون عالمي نوڪريون ختم ڪري پرڏيھي امدادي پروگرامن جو اختيار سڌي ريت پرڏيھي کاتي کي منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي. ان فيصلي کان سڄي دنيا ۾ يو ايس ايڊ جا ھزارين ملازم متاثر ٿيندا، جن ۾ ھڪ سو کان وڌيڪ ملڪن ۾ پرڏيھي سروس آفيسرن، ڪانٽريڪٽرز ۽ مقامي طور ملازم رکيل عھديدار شامل آھن. آمريڪا جي سفارتخانن جي سربراھن کي ان حوالي سان ايندڙ 4 مھينن ۾ ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جو چيو ويو آھي. دستاويز مطابق پرڏيھي کاتي نيشنل سيڪيورٽي ڊيسيزن ڊائريڪٽو 38 تحت يو ايس ايڊ جي سمورن پرڏيھي نوڪرين کي ختم ڪيو پيو وڃي. وڌيڪ چيو ويو آھي ته 15 جون کان پرڏيھي کاتو يو ايس ايڊ جي سمورن پرڏيھي پراگرمنگ جي ذميواري پاڻ نڀائيندو جيڪو ان کان اڳ يو ايس ايڊ ادا ڪري رھيو ھو. ان حوالي سان پرڏيهي ميڊيا آمريڪي پرڏيھي کاتي کان موقف ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي جڏھن ته ان جو ڪو جواب ناھي ملي سگهيو. خيال رھي ته ٽرمپ انتظاميا طرفان يو ايس ايڊ جي پروگرامن کي بند ڪرڻ جو فيصلو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي منصب سنڀالڻ بعد کان لاڳو ٿيڻ جي ڇھن ھفتن بعد ڪيو ويو ھو.