رياض – 11 جون (اي پي پي) سعودي ريلوي (سار) چيو آھي ته حج 2025ع دوران مشاعر مقدسه ٽرين ۾ حاجي سڳورن ۽ حج اختيارين سميت اٽڪل 18 لک ماڻھن سفر ڪيو. پرڏيھي ميڊيا مطابق سعودي ريلوي بيان ۾ چيو ته 7 ڊوالحج کان 13 ڊوالحج تائين منيٰ، مزدلفه ۽ عرفات جي اسٽيشنن وچ ۾ مشاعر مقدسه ٽرين ٻه ھزار 154 چڪر لڳايا. حج سيزن دوران مشاعر مقدسه ٽرين جي آپريشنل پلان ۾ پنج اھم مرحلا شامل ھئا. پھرين مرحلي ۾ 7 کان 8 ڊوالحج تائين سمورن اسٽينن کان 27 ھزار ماڻھن سفر ڪيو. ٻي مرحلي ۾ ٻه لک 82 ھزار حاجي سڳورن کي منيٰ مان عرفات پھچايو ويو جڏھن ته ٽئين مرحلي ۾ ٻه لک 94 ھزار حاجي سڳورن کي عرفات کان مزدلفه پھچايو ويو. چوٿين مرحلي ۾ ٽي لک 49 ھزار کان وڌيڪ حاجي سڳورن کي مزدلفه مان منيٰ جڏھن ته آخري مرحلو حج جي فرضن جي ادائيگي جي آخري ڏينھن سج لھڻ تائين جاري رھيو. منيٰ ۽ جمرات اسٽيشن کان 9 لک 20 ھزار کان وڌيڪ حاجي سڳورن جو اچڻ وڃڻ جو رڪارڊ موجود آهي.