عدن – 10 جون (اي پي پي) يمن ۾ 177 غيرقانوني آفريقي پناھگيرن کي انساني اسمگلنگ جي گروپ کان آزاد ڪرايو ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اولھه سمنڊ ڪناري سلامتي جي شعبي جي ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل مجاھد الحزوره چيو آھي ته يمن جي سيڪيورٽي فورسز يمن جي ڳاڙھي سمنڊ ڪناري کان باب المندب جي علائقي ۾ انساني اسمگلنگ جي گروپ کان ڪيترين ئي عورتن سميت 177 آفريقي پناھگيرن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي جنھن ۾ 123 مرد ۽ 54 عورتون شامل آهن. واضح رھي ته اسمگلنگ جي نيٽ ورڪ جن ۾ آفريقي ۽ يمن جا اسمگلر شامل آھن، يمن جي اولھه واري سمنڊ جي پٽي تي سرگرم آھن. اھي گروپ اڪثر ٻيڙن ذريعي ايندڙ پناھگيرن کي اغوا ڪندا آھن ۽ انھن کي نجي طور ھلندڙ ڪمپائونڊز ۾ قيد ڪري ڇڏيندا آھن، جتي انھن جو استحصال ڪيو ويندو آھي.