اسلام آباد -09 جون (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته قومي سلامتي لاءِ اقتصادي سلامتي اهميت رکي ٿي، اقتصادي اهڃاڻن سان قومي معيشت جي استحڪام جي عڪاسي ٿي رهي آهي، 2023ع ۾ پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي اوسر واري شرح ڪاٽو 2 هئي، جيڪا 2024ع ۾ 2.5 سيڪڙو هئي ۽ هلندڙ سال 2.7 سيڪڙو آهي، معاشي استحڪام کي پائيدار بنيادن تي اڳتي وٺي وڃي رهيا آهيون، ڍانچا جاتي سڌارن جو پروگرام جاري رکڻو آهي، ته جيئن لاهن چاڙهن جي چڪرن مان اسان ٻاهر نڪري اچون، جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 5 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي. قومي اقتصادي سروي 25-2024ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم جي ميمبرن سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته 2023ع ۾ عالمي اقتصادي اهڃاڻن جي شرح 3.5 سيڪڙو، 2024ع ۾ 3.3 سيڪڙو ۽ 2025ع لاءِ 2.8 سيڪڙو جو اندازو آهي، انهي روشني ۾ 2023ع ۾ پاڪستان جي ڊي جي پي جي شرح ڪاٽو 2 سيڪڙو هئي، 2024ع ۾ 2.5 سيڪڙو هئي، ۽ هن سال 2.7 سيڪڙو آهي. ان سان قومي معيشت جي مسلسل بحالي جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 6.8 سيڪڙو، 2024ع ۾ 5.7 سيڪڙو ۽ هلندڙ سال 4.3 سيڪڙو آهي. پاڪستان ۾ 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 29 سيڪڙو، 2024ع ۾ 23 سيڪڙو ۽ هلندڙ سال 4.6 سيڪڙو آهي. ان مان اندازو ٿي رهيو آهي ته مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ اقتصادي قدم صحيح رخ ۾ کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گذريل سال پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو هو، جنهن ۾ 1100 بيسز پوائنٽس جي لاڳيتو گهٽتائي ڪئي وئي، جي ڊي پي جي تناسب سان قرضن جي شرح 68 سيڪڙو مان گهٽجي 65 سيڪڙو جي سطح تي اچي وئي آهي، اهڙي ريت پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ تقريبن 5 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي. هن وقت ٻن مهينن لاءِ آمدني واپار لاءِ ناڻو موجود آهي، ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي پهرين دور ۽ ان کان پوءِ نگران حڪومت ۾ پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ سان جيڪو پروگرام ڪيو هو، ان سان پاڪستان جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي، ان اعتماد سبب معاشي استحڪام کي پائيدار بنيادن تي اڳيان وٺي وڃي رهيا آهيون، ان سان ڍانچا جاتي پروگرام کي جاري رکڻو آهي، ته جيئن لاهن چاڙهن جي چڪر مان ٻاهر نڪري اچون. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس جي شرح ۾ سڌارا جاري آهن، هن وقت جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 5 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي، ٽيڪس شعبي ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ عوام، پراسس ۽ ٽيڪنالاجي بنيادي ٿنڀ آهن ۽ انهي بنياد تي اسان اڳيان وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي، ريڪوريز جي شرح شاندار آهي، صنعتي شعبي لاءِ ٽيرف م گهٽتائي آندي وئي آهي، ڊسڪوز جي بورڊ ۾ نجي شعبي کي شامل ڪيو ويو آهي، اين ٽي ڊي سي کي 3 ڪمپنين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. 1.27 ٽريلين روپين جي گردشي قرضن لاءِ بئنڪن سان ڳالهيون جاري آهن، ناڻي واري وزير چيو ته سرڪاري ملڪيتي ادارن جو خسارو 800 ارب روپين جي ويجهو آهي، ڪابينه جي سرڪاري ملڪيت بابت ڪابينه ڪميٽي گذريل سال 24 ڪمپنين کي نجڪاري ڪميشن حوالي ڪيو، ۽ هن عمل کي اڳيان وڌايو پيو وڃي. اهڙي ريت پبلڪ فنانس جي شعبي ۾ به اڳڀرائي ٿي رهي آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان قرضن جي ادائگي ۾ اٽڪل هڪ ٽريلين روپين جي بچت ڪئي وئي، پينشن سڌارن تي عمل جاري اهي، ان شعبي ۾ رسائي کي روڪيو ويو آهي ۽ هاڻي سڌارن طرف وڃڻو آهي، وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ جو عمل به مسلسل اڳتي وڌي رهيو آهي، اسان 18هين ترميم تحت صوبن وٽ ويندڙ وزارتن ۽ کاتن کي صوبن حوالي ڪرڻو آهي، رائيٽ سائيزنگ لاءِ وزارتن ۽ ايس او ايز جي سي اي اوز کي باقاعده دعوت ڏني وڃي ٿي ۽ انهن جي ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي، هي معاملو ذيلي ڪميٽي وٽ وڃي ٿو، ذيلي ڪميٽي جي سفارشن کي ڪابينه سامهون رکيو وڃي ٿو، ناڻي واري وزير چيو ته پرڏيهي محاذ تي به مثبت اڳڀرائي ٿي آهي، جولاءِ کان اپريل تائين جي عرصي ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو توازن 1.9 ارب ڊالرز فاضل رهيو آهي، گذريل سال ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جو خسارو 1.3 ارب ڊالرز هو، ملڪي روانگي واپار ۾ 7 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، 3.1 ارب ڊالرن جو صرف آءِ ٽي جو روانگي واپار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فري لانسر 400 ملين ڊالرز جون خدمتون فراهم ڪيون. ان جي ابتڙ آمدني واپار ۾ 11.7 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. مشينري ۽ ٽرانسپورٽ جي آمدني واپار ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جيڪا صنعتي ۽ زرعي شعبي لاءِ اهم آهي. پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ 31 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جو ڪردار اهم آهي. روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي 10 ارب ڊالرز کان وڌيڪ ناڻو موڪليو ويو. هن وقت روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي 14 لک کان وڌيڪ اڪائونٽس ٺاهيا ويا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته مالي نظم و ضبط اسان جي پهرين ترجيح آهي، محصولن ۾ 26 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، گذريل سال محصولن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ٿي هئي، ٽيڪس جي بنياد ۾ واڌ آئي آهي، 3.7 ملين انفرادي فائلرز آهن، هاءِ ويليو فائلرز ۾ 170 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. ريٽيل جي شعبي ۾ 492 هزارن جي نمايان واڌ ٿي آهي، ريٽيل رجسٽريشن ۾ واڌ جي شرح 74 سيڪڙو جي ويجهو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته قرضن ۽ انهن جي ادائگي جي شعبي کي منظم ڪيو پيو وڃي. حڪومت پنهنجي شرطن تي قرض وٺڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته قرضن ۾ نجي شعبي کي ترجيح ڏني وڃي. اسلامي سڪوڪ ۾ 26 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، اسان ڊيٽ مينجمينٽ آفيس کي عالمي معيار مطابق بڻائي رهيا آهيون، صنعتي ترقي جي شرح 4.8 سيڪڙو رهي، وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي، زرعي ۾ اوسر واري شرح 0.6 سيڪڙو آهي، لائيو اسٽاڪ 4.7 سيڪڙو ۽ پولٽري ۾ 8.1 سيڪڙو جي شرح سان اوسر ٿي آهي، آءِ ٽي 6.5 سيڪڙو، تعميرات 3.8 سيڪڙو، فوڊ سروسز 4.1 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي ۾ 2.9 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، ٽيڪسٽائيل ويئرنگ ايپرل ۽ فشفريز و فاريسٽري ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اهم فصلن جي پيداوار ۾ 13.5 سيڪڙو جي گهٽتائي سان زراعت جي ترقي جي رفتار متاثر ٿي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته نجي شعبو سيڊ ٽيڪنالاجي ميڪنائيزيشن ۽ اسٽوريج سان اڳتي آيو. پنجاب ۾ نجي شعبي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت سموري مدد فراهم ڪندي. ناڻي واري وزير چيو ته زراعت جي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ 16 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. زرعي شعبي کي فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 2 ٽريلين روپين جي ويجهو پهچي ويو آهي. هن چيو ته فچ، موڊيز، عالمي بئنڪ ۽ ٻين عالمي ادارن پاڪستان ۽ پاڪستان جي معيشت تي اعتماد جو اظهار ڪيو. عالمي مالياتي فنڊ طرفان تازي قسم ڪيترين ئي چئلينجن کان پوءِ اسان کي ملي آهي. اسان جي هٿياربند فوج ڀارتي اڳرائي خلاف پنهنجو ڌاڪو ڄمايو، ان سان گڏوگڏ معاشي محاذ تي هڪ جنگ جاري هئي، آءِ ايم ايف ڀارت جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته گڏجاڻي نه ٿئي، ۽ جيڪڏهن ٿئي ته ان ۾ پاڪستان لاءِ قسط جاري ڪرڻ واري ايجنڊا شامل نه هجي، جڏهن ته پاڪستان جي ٻه طرفه ۽ گهڻي رخي حصيدارن اسان سان تعاون ڪيو. اسان جيڪڏهن صحيح رخ تي نه هجون ها ته هي مشڪل ڳالهه هئي، قومي سلامتي لاءِ اقتصادي سلامتي اهميت رکي ٿي، اوورسيز چيمبرز، پي ڊبليو سي ۽ آءِ ايف ايس او ايس جي تازي سرويز ۾ پاڪستان جي معيشت ۽ ڪاروباري اعتماد ۾ اضافي جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ايس آءِ ايف سي جن شعبن کي ترجيح ڏئي رهي آهي، انهن ۾ اڳڀرائي حقيقي گيم چينجر آهي. هن چيو ته ڪوپ-29 ۾ پاڪستان قومي موسمياتي حڪمت عملي پيش ڪئي، گرين سڪوڪ سان پاڪستان کي 30 ارب روپيا حاصل ٿيا. موسمياتي فنانسنگ لاءِ فنڊنگ کي آپريشنلائيز ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، صحافين جي سوالن جي جواب ۾ ناڻي واري وزير چيو ته ڪلي معيشت جو استحڪام پائيدار بحالي ۽ اوسر جو بنياد آهي، پاليسي ريٽ ۾ لاڳيتو گهٽتائي آئي آهي، عالمي بئنڪ غربت جي حوالي سان جيڪو نئون بئنچ مارڪ ۽ ٿريش هولڊ رکيو آهي، ان جي بنيادن کي ڏسڻ ضروري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته معاشي طور ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت جو ڪم پاليسي ۽ ايڪو سسٽم ڏيڻ آهي، ڪروڙين نوڪريون ڏيڻ وارن نعرن جي حق ۾ ناهيون، ان لاءِ نجي شعبي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پاڪستان جي فري لانسرز هن سال 400 ملين ڊالرز ڪمايا آهن. اسان کي اهڙن نوجوانن ۽ هنرمندن جي همت افزائي ڪرڻي پوندي. هڪ پاڪستاني ڄائي آمريڪي لمز ۾ 15 ملين ڊالرن جي لاڳت سان بلاڪ چين جي تربيت شروع ڪئي آهي. هن چيو ته گهٽ کان گهٽ معاوضي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ناڻي واري وزير چيو ته ڍانچا جاتي سڌارن سان اسان پائيدار اوسر جي راهه تي گامزن آهيون ان کي ڪنهن به صورت ۾ نٿا ڇڏي سگهون. پاڪستان کي موسمياتي فنانسنگ ملي چڪي آهي ۽ هاڻي ان لاءِ رٿابندي ڪرڻي پوندي، سمورن وزارتن سان گڏجي ان حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، عالمي بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام تحت پاڪستان کي 10 سالن ۾ 20 ارب ڊالرز ملندا. ان مان ٽي حصا موسمياتي تبديلين سان لاڳاپيل لاءِ آهن. ناڻي واري زوير چيو ته اين ايف سي تحت صوبن کي 4.2 ٽريلين روپيا ۽ وفاق کي 3 ٽريلين روپيا ملن ٿا، وفاقي حڪومت کي ساليانو ترقياتي پروگرام اسٽريٽجڪ منصوبن لاءِ هوندو، صوبن کي سماجي تحفظ جي پروگرام لاءِ وڌيڪ فنڊز رکڻ گهرجن. ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ جي تياري ۾ ٻه طرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن سان مشاورت ٿي آهي، اسان پنهنجي هوم گرائونڊ، اقتصادي ايجنڊا کي ترجيح ڏينداسين، هن ايجنڊا تي اسان کي سمورن حصيدارن جو اعتماد حاصل آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح کي 14 سيڪڙو جي سطح تي آڻڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. ڀارت ۾ اها شرح 18 سيڪڙو آهي، ان موقعي تي ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال چيو ته عالمي مالياتي فنڊ جي پروگرام تحت مالي استحڪام حاصل ڪرڻ ضروري آهي، اسان جي ڪوشش آهي، ته سرڪاري خرچ گهٽ ۽ ٽيڪس وڌيڪ هجن. ماضي ۾ مالي خسارو 6 کان 8 سيڪڙو رهيو، جنهن ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچي رهي آهي. محصولن ۾ واڌ سان پي ايس ڊي پي لاءِ وڌيڪ فنڊ دستياب هوندا. هن چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن ۾ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ۽ وزيراعظم طرفان ڪفايت شعاري لاءِ قدمن سان وڏو فرق پيو آهي.