اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري لاءِ 57 مينيوفيڪچررز کي اجازت ناما جاري ڪيا ويا آهن. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ 2024ع کان مارچ 2025ع دوران 13 نون مينيوفيڪررز کي لائيسنز جاري ڪيا ويا آهن. ان دوران اي وي ٽو ۽ ٿري ويلز جي پيداوار 32 هزار 923 يونٽس رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مالي سال 2022ع کان هن وقت تائين اها پيداوار 76 هزار 979 يونٽس رهي. واضح رهي ته چائنا جي اليڪٽرڪ گاڏيون تيار ڪندڙ ڪمپني پي واءِ ڊي ميگا موٽرز جي ڀائيواري سان ڪراچي ۾ 2026ع تائين پلانٽ قائم ڪندي جنهن لاءِ 2030ع لاءِ سيلز جو ساليانو ڳاڻيٽو هڪ لک يونٽس کان وڌيڪ مقرر ڪيو ويو آهي. اهي انگ اکر ڪلين اينڊ گرين ۽ ميڪ ان پاڪستان جي عزم کي هٿي ڏيڻ جي عڪاسي ڪن ٿا.