اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) مالي سال 25-2024ع دوران حڪومت تعليم جي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو ته جيئن پائيدار ترقي، انساني سيڙپڪاري ۾ بهتري ۽ برابري وارن تعليمي موقعن کي هٿي وٺرائي سگهجي. گذريل ڏينهن اقتصادي سروي رپورٽ موجب جولاءِ کان مارچ 2025ع دوران تعليم تي مجموعي قومي پيداوار جو 0.8 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. اها شرح حڪومت جي تعليم کي ترجيح ڏيڻ واري پاليسي جو ثبوت آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اعليٰ تعليم لاءِ 61.1 ارب روپيا رکيا ويا جنهن جو مقصد يونيورسٽين، تحقيقي ادارن ۽ اسڪالرشپ پروگرامز کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. خواندگي جي شرح ۽ داخلا جي صورتحال تي رپورٽ موجب ملڪ جي مجموعي خواندگي واي شرح 60.6 سيڪڙو رهي، مردن جي خواندگي واري شرح 68 سيڪڙو جڏهن ته عورتن جي خواندگي واري شرح 52.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا عورتن جي تعليم جي ميدان ۾ وڌيڪ بهتري جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. پرائري سطح تي اسڪولن ۾ داخلا جي انگ ۾ 2 ڪروڙ 48 لک 30 هزار (2.483 ڪروڙ) تائين پهچي وئي، جيڪا بنيادي تعليم تائين رسائي ۾ بهتري کي ظاهر ڪري ٿي.