اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) جولاءِ 2024ع کان مارچ 2025ع دوران بجلي جي مجموعي پيداوار 90145 گيگاواٽ آور رڪارڊ ڪئي وئي. اقتصادي سروي 25 – 2024ع موجب ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار، تنصيب ٿيل صلاحيت ۽ توانائي جي مختلف ذريعن جي استعمال ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. رپورٽ موجب مارچ 2025ع جي پڄاڻي تائين ملڪ ۾ ڪل نصب ٿيل بجلي جي صلاحيت 46605 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي جيڪا بجلي جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هڪ مضبوط نظام جي عڪاسي ڪري ٿي. جولاءِ 2024ع کان مارچ 2025ع دوران ڪل بجلي جي پيداوار 90145 گيگاواٽ آور رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ هڪ بهتر ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري ٿي. مالي سال 2025ع جي انهي عرصي دوران ملڪ ۾ بجلي، گئس، پيٽروليم ۽ ڪوئلي جو استعمال جاري رهيو. ان عرصي ۾ بجلي جو استعمال 90111 گيگاواٽ آور رهيو، پيٽروليم مصنوعات جي کپت 13.17 ملين ٽن، روزانو سراسري 3143 ملين ڪيوبڪ فٽ قدرتي گئس استعمال ڪئي وئي جڏهن ته ڪوئلي جو استعمال 16.2 ميٽرڪ ٽن رڪارڊ ڪيو ويو. حڪومتي پاليسين، صنعتي ترقي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڏس ۾ ايندڙ مهينن ۾ توانائي جي طلب ۾ وڌيڪ اضافو متوقع آهي. مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.