اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) مالي سال 25 – 2024ع جي پڄاڻي تائين پاڪستان جي معيشت جو مجموعي ڪاٿو 411 ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو آهي جيڪو گذريل سال جي 372 ارب ڊالر جي ڀيٽ ۾ نمايان اضافو آهي. اقتصادي سروي جاري ڪرڻ جي موقعي تي ملڪ جي معاشي ڪارڪردگي بابت مثبت اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين ۾ بهتري، مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ پاليسي استحڪام جي ڪري نه رڳو جي ڊي پي ۾ اضافو ممڪن ٿيو، پر ان جا اثر سڌوسنئون عوام جي آمدني تي پڻ پيا آهن. هن چيو ته في ڪس آمدني ۾ 162 ڊالر جو اضافو ٿيو آهي جنهن کانپوءِ اهو وڌي 1824 ڊالر تائين پهچي ويو آهي.