اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي پئڪيج 2024ع سڄي ملڪ ۾ ڪيترائي قدم شروع ڪيا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاران پيش ڪيل قومي اقتصادي سروي 25 – 2024ع موجب ان جامع قدم ۾ معاشي شموليت، مالي خودمختياري، هنرمندي جي ترقي ۽ عورتن جي لاءِ قائداڻي موقعن تي ڌيان ڏنو ويو آهي. انهن هدايتن تي عملدرآمد جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي ته جيئن ٺوس نتيجن کي يقيني بڻائي سگهجي جنهن سان سڄي پاڪستان جي عورتن کي فائدو ٿئي، خاص طور تي پٺتي پيل ۽ ڪمزور برادرين سان تعلق رکندڙ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جو قدم عورتن کي بنا وياج قرض، هنرمندي جي تربيت ۽ ڪم ڪندڙ عورتن جي لاءِ ڊي ڪيئر سينٽرز فراهم ڪري ٿو. وومين پنڪ بس سروس ۽ وومين آن وهيلز پراجيڪٽ جي شروعات عورتن جي سفري سهولتن ۽ حفاظت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح پنجاب پنڪ سيڪيورٽي اسڪيم تحت شاگردياڻين کي اسڪوٽر خريد ڪرڻ جي لاءِ بنا وياج قرض ڏنا وڃن ٿا جڏهن ته وومين پارلياماني ڪاڪس عورتن جي سياسي شرڪت وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري ٿي. صوبائي سطح تي خيبرپختونخواهه جي صنفي طور تي حساس ليبر انسپيڪشن ٽيمن ۽ بلوچستان جي جينڊر ڊيسڪ جهڙا پروگرام روزگار ۽ مزدورن جي حقن ۾ صنفي برابري کي فروغ ڏين ٿي. برابري تي بئنڪاري ۽ عورت انٽرپرينيورز جي لاءِ گردشي فنانسنگ سهولت جهڙين پاليسين جو لاڳو عورتن جي مالي شموليت کي هدف بڻائين ٿيون، قومي مالياتي شموليت جي حڪمت عملي (2023ع) عورتن جي لاءِ 20 ملين فعال بئنڪ اڪائونٽس جي پنهنجي هدف کي عبور ڪيو آهي، پاڪستان عورتن جي مالي آزادي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري رهيو آهي.