اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته هلندڙ مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار جي ڊي پي جي اوسر واري شرح 2.7 سيڪڙو رهي، جڏهن ته عالمي سطح تي جي ڊي پي جي اوسر واري شرح 2.8 سيڪڙو آهي، پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي کي عالمي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. گذريل ڏينهن هتي قومي اقتصادي سروي مالي سال 25-2024ع جاري ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته 2023ع ۾ اسان جي جي ڊي پي جي اوسر ڪاٽو رهي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان به وڌي وئي هئي، ناڻي واري وزير چيو ته هن وقت مهانگائي ۾ واڌ جي شرح 4.6 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پاليسي ريٽ ۾ به لاڳيتو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام جي شاهراهه تي گامزن آهي ۽ ملڪ ۾ ناڻي واڌ جي شرح 4.6 سيڪڙو آهي، هن چيو ته 2023ع ۾ ملڪ ۾ ٻن هفتن لاءِ مٽاسٽا جو ناڻو موجود هو، جڏهن ته ان کان پوءِ معاشي بحالي ٿي جنهن جا نتيجا اسان جي سامهون آهن. ناڻي واري وزير چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ ڪيل سٺا قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 11 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف پروگرام سان به اسان جو اعتماد بحال ٿيو آهي.