واشنگٽن -09 جون (اي پي پي) پاڪستاني سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، مودي عالمي برادري سان به ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. واشنگٽن ۾ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ انهي لاءِ مسلسل قدم کڻي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم ڌمڪين ۽ جارحاڻو روئيو اختيار ڪيو آهي. هن چيو ته خطي ۾ امن لاءِ اسان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ڀارت ملوث آهي، ڀارتي نيوي جو آفيسر ڪلڀوشن بلوچستان مان گرفتار ٿيو، سندس چوڻ هو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. پاڻي کي روڪڻ وارو قدم جارحيت آهي، سفارتي مشن جي سربراهه چيو ته ڀارتي وزيراعظم پنهنجي عوام ۽ عالمي برادري سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ڇڪتاڻ دوران لاڳيتو ڪوڙ ڳالهايو. هن چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ جنگ بندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هاڻي عالمي برادري کي ڀارت جي اڳرائي روڪڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته ڪا به هڪ ڌر هڪ طرفي طور سنڌ طاس معاهدي کي معطل نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسان جي شاهينن 6 ڀارتي جهازن کي ڪيرايو جنهن جي اعتراف ۾ ڀارت کي هڪ مهيني جو وقت لڳو جڏهن ته پاڪستان جي ڪنهن به جهاز کي نقصان نه پهتو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي ۽ اسان انهي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. سفارتي مشن جي سربراهه چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي حمايت ڪندڙ دوست ملڪن جو هڪ ڀيرو ٻيهر شڪريو ادا ڪيان ٿو.