اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفارتي وفد جي اهم ميمبر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته پاڪستاني وفد جو آمريڪا جو دورو لاڀائتو رهيو، پاڪستان جي بيانئي کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو جڏهن ته ان جي ابتڙ ڀارت جو بيانئو رد ڪيو ويو. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ شيري رحمان آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفارتي مصروفيتن جي ڪاميابي تي روشني وجهندي …
پاڪستان جو بيانئو عالمي سطح تي ڀارت جي شڪست آهي: شيري رحمان
اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفارتي وفد جي اهم ميمبر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته پاڪستاني وفد جو آمريڪا جو دورو لاڀائتو رهيو، پاڪستان جي بيانئي کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو جڏهن ته ان جي ابتڙ ڀارت جو بيانئو رد ڪيو ويو. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ شيري رحمان آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفارتي مصروفيتن جي ڪاميابي تي روشني وجهندي چيو ته ملڪ جو بيانئو عالمي سطح تي گونجي رهيو آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ ڀارتي بيانئو رد ڪيو پيو وڃي. شيري رحمان ڀارت جي سفارتي ڪوششن تي تنقيد ڪندي چيو آهي، ته ڀارت پنهنجي ناڪاري سوچ ۽ بيانئي سبب گڏيل قومن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، شيري رحمان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن زور ڀريندي چيو ته ڀارت جون ڪوششون پوري طرح ناڪام ٿي رهيون آهن ۽ ڀارتي جي سفارتي اڪيلائي ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ان کي عالمي سطح تي مسلسل ناڪامين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. هن انهن ملڪن جي تعريف ڪئي جن اهم معاملن تي افهام تفهيم ۽ يڪجهتي جي اهميت کي تسليم ڪندي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي.












