اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي لڪي مروت جي علائقي ڪوٽ ڪشمير ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ شهيد پوليس اهلڪار شاهد خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته شهيد اهلڪار شاهد خان فرض جي ادائگي ۾ پنهنجي جان قربان ڪري اعليٰ مثال قائم ڪيو، ان جي لازوال قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. گهرو وزير پاران جاري بيان ۾ محسن نقوي شهيد پوليس اهلڪار شاهد خان جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته شهيد پوليس اهلڪار شاهد خان بهادري سان خوارجي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ فرض جي راهه ۾ جان جو نذرانو پيش ڪري اعليٰ مثال قائم ڪيو. هن چيو ته پوليس اهلڪار شاهد خان جي لازوال قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. گهرو وزير چيو ته پوليس ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد ماري خوارجين جي مڪروهه ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته خيبر پختونخوا پوليس خوارجي دهشتگردن خلاف شيهي جي ديوار بڻيل آهي. ڪي پي ڪي جي بهادر سپوتن کي سلام پيش ڪيون ٿا.