اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سينيئر اينڪر فريحه ادريس جي والده نگهت ادريس جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر اينڪر فريحه ادريس جي والده نگهت ادريس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ فريحه ادريس ۽ ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته فريحه ادريس جي والده نگهت ادريس جي …

اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر اينڪر فريحه ادريس جي والده نگهت ادريس جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ فريحه ادريس ۽ ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته فريحه ادريس جي والده نگهت ادريس جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي. گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. عطاءُ الله تارڙ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ نگهت ادريس مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت عطا فرمائي.