اسلام آباد-08 جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جمعيت علماءُ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان، جمعيت علماءُ پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل شاهه اويس نوراني ۽ قومي وطن پارٽي جي چيئرمين آفتاب احمد خان شيرپائو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کين عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب انهن سياسي اڳواڻن به وزيراعظم کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هنن ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.