ڪراچي-08 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سعودي عرب ۾ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي ۽ شاهي آجياڻي ۾ خاص شرڪت ڪئي. گذريل ڏينهن گورنر هائوس مان جاري بيان موجب گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته شاهي مهمان طور دعوت ڏيڻ تي سعودي قيادت، خاص ڪري ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان. هن ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان حاجي سڳورن لاءِ مثالي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني نوجوانن ۾ ولي عهد محمد بن سلمان هڪ باوقار ۽ مقبول شخصيت آهي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ولي عهد محمد بن سلمان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.