ملتان-06 جون (اي پي پي) پاڪستان هڪ ذميدار ايٽمي ملڪ آهي، هاڻوڪي پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ۾ فوجي ۽ سول قيادت ذميداريءَ جو مظاهرو ڪيو. ملتان ۾ پُراڻي شجاع آباد روڊ تي هڪ نجي هوٽل جي افتتاحي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ جي چيئرمين چيو ته ڀارت طرفان پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ۽ حملي جو جواب اسان هڪ قوم بڻجي ڏنو. ڇِڪتاڻ کان اڳ اسان ڀارت کي پهلگام واقعي تي هڪ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو پر ڀارت اسان جو مطالبو نه مڃيو. سيلف ڊفينس ۾ کنيل قدمن کي پوري قوم خراجِ تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻه ايٽمي ملڪ آهن جن جي ٽڪراءُ جي حق ۾ ناهيون. سفارتي محاذ تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ٽيم پنهنجي هاڻوڪي آمريڪي دؤري تي پاڪستان جي بيانيي کي احسن انداز ۾ پيش ڪري قوم جون دليون کٽيون آهن. بلاول ڀٽو پنهنجي دؤري ۾ واضح ڪيو ته اسان امن پسند ملڪ آهيون ۽ جنگ نٿا چاهيون. سندس چوڻ هو ته اسان جي وڏڙن پاڪستان ٺاهيو ۽ اسان گڏجي ان جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته برطانيه ۾ 1.7 ملين جو انگ پاڪستانين جو آهي، هائوس آف لارڊ ۾ اسان جا 10 ميمبر آهن، اتي جي لارڊ ميئر جو تعلق به پاڪستان سان آهي. پاڪستان جا ماڻهو اتي محنت ڪن ٿا ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن ٿا. اسان کي سندن مٿان فخر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بجيٽ جي حوالي سان اسان حڪومت سان گڏ آهيون پر جيڪڏهن ان بجيٽ ۾ عوام کي رليف نه مليو ته اسان عوام سان گڏ هونداسين. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته فلسطين جي هٿين خالي عوام ۽ اسان جي شهيدن جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي. عيد تي انهن کي پنهنجي دُعائن ۾ ياد رکڻ ۽ خراجِ تحسين پيش ڪرڻ اسان جو فرض آهي. بعد ۾ سينيٽ چيئرمين سميجه آباد ۾ هڪ نجي بيڪري جو افتتاح ڪندي ملڪي خوشحالي، سلامتي ۽ ترقيءَ لاءِ دُعا ڪرائي.