ڪراچي-06 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عيدالاضحيٰ 1446هه جي موقعي تي سنڌ جي جيلن ۽ اصلاح مرڪزن ۾ قيد سزايافته قيدين لاءِ 120 ڏينهن جي خاص رعايت ڏيڻ جي منظور ڏني آھي. وڏي وزير چيو ته اها خاص رعايت سڀني سزايافته قيدين تي لاڳو ٿيندي، سواءِ انهن جي جن کي موت جي سزا ٻڌايل آهي يا اھي ڏوھاري جن تي قتل، جاسوسي، تخريبڪاري، رياستي مخالف ۽ دهشتگردي جي سرگرمين، زنا، اغوا، ڦر، ڌاڙي، مالي بدعنواني يا قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ وارا ڏوهه ثابت ھوندا، اهڙن قيدين کي اها رعايت حاصل نه هوندي. هيءَ خاص معافي هر اهل قيدي جي تاريخي رڪارڊ ۽ رعايت شيٽ ۾ درج ڪئي ويندي.