جده – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري تي جده پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جده پهچڻ تي جده جي گورنر شهزاده سعود بن عبدالله جلاوي، سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيد المالڪي، پاڪستان جي سعودي عرب ۾ سفير احمد فاروق ۽ اعليٰ سفارتي اهلڪارن استقبال ڪيو. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد عمره جي ادائيگي جي لاءِ جده کان مڪه مڪرمه روانو ٿي ويو.