اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1988 (2011ع) تحت قائم پابندين جي ڪميٽي جو چيئرمين، قرارداد 1373 (2001) تحت قائم دهشتگردي جي خاتمي واري ڪميٽي جو نائب چيئرمين ۽ دستاويزن ۽ پابندين بابت غيررسمي ورڪنگ گروپ جو شريڪ چيئرمين مقرر ٿيڻ انتهائي قابل فخر آهي، پاڪستان انهن عالمي ذميوارين کي بهتر طريقي سان نڀائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته يقينن اها پاڪستان جي لاءِ هڪ تمام وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1988 (2011ع) تحت قائم پابندين جي ڪميٽي جي چيئرمين شپ پاڪستان جي حوالي ڪئي وئي آهي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان کي قرارداد 1373 (2001ع) تحت قائم دهشتگردي جي خاتمي واري ڪميٽي جو نائب چيئرمين ۽ دستاويزن ۽ پابندين بابت غيررسمي ورڪنگ گروپ جو شريڪ چيئرمين پڻ مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهي مقرريون عالمي برادري پاران پاڪستان تي ڪيل اعتماد ۽ ڀروسي جو مظهر آهن، اهو ان حقيقت جو ثبوت آهي ته پاڪستان دهشتگردي جهڙي عالمي ناسور جي خاتمي لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن، انهن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن دهشتگردي جي خلاف سڀ کان وڌيڪ قيمت ادا ڪئي آهي، 90 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانين جو نقصان ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي خسارو برداشت ڪيو آهي، هي اهي انگ اکر آهن جيڪي پاڪستان جي لازوال قربانين جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته اهو اعزاز نه رڳو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ڪاميابي آهي پر انهن لکين پاڪستانين جي قربانين جو اعتراف به آهي جن امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ محفوظ دنيا جي لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي ۽ انهن عالمي ذميوارين کي بهتر طريقي سان نڀائڻ جي لاءِ پرعزم آهي.