اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان انفارميشن سروسز اڪيڊمي (آءِ ايس اي) جي ڊائريڪٽر جنرل مبشر توقير شاهه الوداعي ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مبشر توقير شاهه کي سندس رٽائرمينٽ تي اطلاعات واري وزارت ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ اعزازي شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مبشر توقير شاهه جون خدمتون اطلاعات واري وزارت، ميڊيا جي شعبن ۾ قابل تقليد آهن. هن چيو ته مبشر توقير شاهه سدائين قومي مفاد ۽ پيشيواراڻي ديانتداري کي مٿانهون رکيو، سندس قيادت ۾ انفارميشن سروسز اڪيڊمي نوجوان آفيسرن جي تربيت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. مبشر توقير شاهه ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وزارت، ساٿي آفيسرن ۽ عملي جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته اطلاعات واري وزارت ۾ پنهنجي ڪيريئر تي فخر آهي. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته اطلاعات واري وزارت مستقبل ۾ به قومي بيانيي کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي. واضح رهي ته مبشر توقير شاهه اطلاعات واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان به پنهنجا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي.