اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ديامر ضلعي ۾ پوليو ڪيس جو سخت نوٽيس وٺندي معمول جي اميونائيزيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اها هدايت قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ وزيراعظم جي پوليو بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق سان ملاقات دوران ڪئي. وزيراعظم ديامر ۾ رپورٽ ٿيندڙ تازي پوليو ڪيس تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته معمول جي اميونائيزيشن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته اهڙيون يونين ڪائونسلون جتي پوليو جا وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿي رهيا آهن ۽ اميونائزيشن بهتر نه آهي، انهن جي سخت نگراني ڪئي وڃي.