آمريڪا غزه ۾ مستقل جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ کي ويٽو ڪري ڇڏيو

گڏيل قومون-05 جون (اي پي پي) آمريڪا غزه ۾ مستقل جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ کي ويٽو ڪري ڇڏيو، پاڪستان ان ڏينهن کي سلامتي ڪائونسل جي تاريخ ۾ هڪ افسوسناڪ ڏينهن قرار ڏنو آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان سميت 10 ملڪن طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي سمورن يرغمالين جي …

گڏيل قومون-05 جون (اي پي پي) آمريڪا غزه ۾ مستقل جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ کي ويٽو ڪري ڇڏيو، پاڪستان ان ڏينهن کي سلامتي ڪائونسل جي تاريخ ۾ هڪ افسوسناڪ ڏينهن قرار ڏنو آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان سميت 10 ملڪن طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي سمورن يرغمالين جي آزادي ۽ جنگ سبب تباهه ٿيل علائقن ۾ مڪمل انساني امدادي جي فراهمي ٻيهر شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو جنهن کي آمريڪا پنهنجي ويٽو پاور جو استعمال ڪندي رد ڪري ڇڏيو، غزه ۾ مستقل جنگ بندي جي ٺهراءُ پيش ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان، الجزائر، ڊينمارڪ، يونان، گيانا، پاناما، ڏکڻ ڪوريا، سيراليون، سلووينيا ۽ صوماليه شامل هئا جن کي مجموعي طور اي -10 جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ ٿيل ووٽنگ ۾ ٺهراءُ جي حق ۾ 14 ووٽ پيا جڏهن ته آمريڪا واحد ووٽ ٺهراءُ جي مخالفت ۾ وڌو. ٺهراءُ پيش ڪندڙ 10 ملڪن طرفان جاري گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي يقين آهي ته اهو متن ڪائونسل جي سمورن ميمبرن جي ان اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿو ته غزه ۾ جنگ کي فوري طور روڪڻ، سمورن يرغمالين کي فوري ۽ غير مشروط طور آزاد ڪرڻ گهرجي. غزه جي شهرين کي بکيو نه مرڻ گهرجي ۽ کين امداد تائين مڪمل ۽ بنا رڪاوٽ پهچ حاصل هجڻ گهرجي. اهو گڏيل بيان سلووينيا جي سفير نيڪونسل جي اجلاس کان اڳ پڙهي ٻڌايو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد چيو ته اهو سلامتي ڪائونسل جنهن کي عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي جي بنيادي ذميواري ڏني وئي آهي جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو افسوسناڪ ڏينهن آهي. عاصم افتخار احمد چيو ته آمريڪا طرفان ٺهراءُ کي ويٽو ڪرڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته 20 لک کان وڌيڪ بک ۽ گهراءُ جو شڪار فلسطينين جي جانين جي ڪا اهميت ناهي، پاڪستاني نمائندي چيو ته کاڌي پيتي جي ڳولا ۾ بي گناهه شهرين کي قتل ڪرڻ نه رڳو جنگي ڏوهه آهي پر اهو هڪ اهڙي نظام لاءِ هڪ فرد جرم آهي جيڪو بقا کي ڏوهه قرار ڏي ٿو ۽ انساني امداد کي فوجي هٿيار بڻائي ٿو، اها عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. ٺهراءُ جي مسودي ۾ غزه ۾ جنگ بندي جي مطالبي سان گڏوگڏ اتي انساني صورتحال کي تباهه ڪن قرار ڏيندي ان تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو جتي ڪيترن ئي مهينن کان اسرائيل جي امدادي ناڪابندي کانپوءِ ڏڪار جو خطرو به شامل آهي. ٺهراءُ جي مسودي ۾ غزه ۾ انساني امداد جي داخلا ۽ ورڇ تي سمورين پابندين کي فوري ۽ غير مشروط ختم ڪرڻ، گڏيل قومن ۽ انساني همدردي جي حصيدارن لاءِ محفوظ ۽ بنا رڪاوٽ جي پهچ جو مطالبو ڪيو ويو. ٺهراءُ ۾ انساني همدردي جي اصولن ۽ سلامتي ڪائونسل جي اڳ وارن ٺهرائن موجب ضروري خدمتن جي بحالي تي زور ڀريو ويو. آمريڪا جي وقتي مستقل نمائندي ڊوروٿي شي ووٽنگ کان اڳ ٺهراءُ جي مسودي کي ناقابل قبول قرار ڏنو. هن چيو ته ان قرارداد جي آمريڪي مخالفت ڪا تعجب جي ڳالهه نه هجڻ گهرجي. گڏيل قومن ۾ مقرر مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ٺهراءُ رد ڪرڻ تي ڪاوڙ ۽ مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل جي ٻين ميمبرن عوامي ۽ نجي طور تي ان ڳالهه جو اظهار ڪري چڪا آهن ته آمريڪا گڏيل قومن ۾ ميمبر ملڪن جي اڪثريت جي مرضي جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. گڏيل قومن ۾ الجزائر جي سفير عمار بيند چيو ته گذريل ڏينهن اهو ٺهراءُ ڪجهه ماڻهن جي آواز ناهي پر پوري دنيا جي اجتماعي منشا آهي.