اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق حج جي ڏينهن تي حاجي سڳورن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته حج جو فرض الله تعاليٰ جو خاص انعام آهي جيڪو سڄي دنيا جي مسلمانن کي هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ چيو ته حج جو فرض يڪجهتي ۽ اتحاد جو عظيم مثال آهي، حج جو موقعو اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ جو پيغام ڏي ٿو، حج اسلام جي پنجن بنيادي رڪنن مان هڪ آهي. حج جي فرضن جي ادائيگي، قرباني، صبر ۽ الله جي اطاعت جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته حج روحاني سفر آهي جيڪو ماڻهو کي الله جي ويجهو ڪري ٿو، حج اتحاد، برابري، صبر ۽ ايثار جو درس ڏي ٿو، حاجي سڳورا پنهنجي خواهشن کي الله جي رضا لاءِ قربان ڪن ٿا. حضرت ابراهيم عليه اسلام جي قرباني جي سنت مسلمان امت لاءِ مشعل راهه آهي، سنت ابراهيمي اسان کي پنهنجو سڀ ڪجهه الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ جو درس ڏي ٿي. اسپيڪر حج 2025ع جي شاندار انتظامن تي سعودي حڪومت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته لکين حاجين لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ تحسين جوڳو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حاجين جي عبادتن ۽ قربانين کي قبول فرمائي. هن چيو ته حج جي عظيم موقعي تي مسلمان امت کي فلسطين ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن جي خراب حالت کي نه وسارڻ گهرجي ۽ مسلمان امت کي ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي آزادي لاءِ دعا جي اپيل ڪريان ٿو ۽ حج جي موقعي تي مسلمان امت جي يڪجهتي لاءِ دعاڳو آهيان.