ڪراچي-05 جون (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي ماحوليات جي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هن سال عالمي ماحوليات جو ڏينهن “پلاسٽڪ جي گدلاڻ جو خاتمو” جي عنوان سان ملهائجي رهيو آهي. هن چيو ته ماحول کي پلاسٽڪ جي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ سمورن شھرين کي سندن ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ پلاسٽڪ جي صفائي لاءِ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ پلاسٽڪ بابت ٺاهيل قانونن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو. وڏي وزير چيو ته پلاسٽڪ کان پاڪ سنڌ اسان جو خواب آهي، اچو ته گڏجي ان خواب کي حقيقت بڻايون. ھن وڌيڪ چيو تھ 15 جون 2025ع کان سنڌ ۾ پلاسٽڪ جي شاپنگ بيگز تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي ويندي، جڏهن ته ماحول دوست ڪپڙي ۽ ڪاغذ جي ٿيلهين جي استعمال جي همٿ افزائي ڪئي پئي وڃي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تمر جي وڻڪاري، ري سائيڪلنگ انڊسٽريز، دريائن ۽ سامونڊي علائقن جي صفائي جاري آھي. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت تعليمي توڙي سماجي ادارن سان گڏجي ماحوليات بابت ماڻھن ۾ جاڳرتا پيدا ڪري رھي آھي.